حڪومت پاران 24 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو فيصلو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران 24 سرڪاري ادارن جي ٽن مرحلن ۾ نجڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، نجڪاري واري وزير عبدالعليم خان نجڪاري جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا.

عبدالعليم خان پاران جمع ڪرايل تفصيلن موجب پھرين مرحلي ۾ ھڪ سال دوران 10 ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، جنھن بعد ھڪ کان ٽن سالن دوران وڌيڪ 13 ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي.

ھڪ اداري جي نجڪاري لاءِ 3 کان 5 سال آخري مرحلو ھوندو، پھرين مرحلي ۾ قومي ايئر لائين پي آءِ اي، روز ويلٽ ھوٽل ۽ زرعي ترقياتي بينڪ جي نجڪاري ٿيندي.

آئيسڪو سميت 3 ڊسڪوز جي نجڪاري به پھرين مرحلي ۾ ڪئي ويندي، عليم خان چيو تھ ٻئي مرحلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۽ چار جنڪوز جي نجڪاري ڪئي ويندي.

ليسڪو سميت 6 ڊسڪوز جي نجڪاري ٻئي مرحلي ۾ ڪئي ويندي. وفاقي وزير عليم خان پاران جمع ڪرايل تحريري جواب موجب ٽئين مرحلي ۾ 5 سالن اندر پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني جي نجڪاري مڪمل ڪئي ويندي.

پي آءِ اي جي نجڪاري واري ڪوشش ڪامياب نه ٿي

ياد رھي تھ وفاقي حڪومت گذريل سال پي آءِ اي کي خانگي شعبي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جيڪا ڪامياب نھ ٿي ھئي، گذريل سال توقع کان انتھائي گھٽ ٻولي لڳڻ سبب نجڪاري بورڊ ان کي رد ڪري ڇڏيو ھو.

پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ گذريل سال 31 آڪٽوبر تي واڪ لڳايو ويو ھو، قومي ايئر لائين جي 60 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري لاءِ حڪومت جي خواھش ھئي تھ 85 ارب روپين کان وڌيڪ جون ٻوليون لڳايون وڃن.

حڪومتي خواھش جي ابتڙ پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ وڌ کان وڌ رڳو 10 ارب روپين جي ھڪ ٻولي لڳائي وئي، جنھن ڪري پي آءِ اي جي نجڪاري جي ٻولي رد ڪئي وئي.

گذريل سال پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ريئل اسٽيٽ ڊولپمينٽ ڪمپني، بليو ورلڊ سٽي پاران 10 ارب روپين جي رڳو ھڪ ٻولي لڳائي وئي ھئي، جيڪا وفاقي سرڪار پاران رد ڪئي وئي.

نجڪاري ڪميشن جو چوڻ ھو تھ ٻولي لڳائيندڙ ڪمپني کي چيو ويو آھي ته اھا سرڪار جي گھٽ ۾ گھٽ مقرر ڪيل قيمت تحت نئين سر ٻولي لڳائي.

بليو ورلڊ سٽي جو چيئرمين سعد نذير پنھنجي لڳايل واڪ تي قائم رھيو، سندس چوڻ ھو ته حڪومت جيڪڏھن اسان جي ٻولي قبول ڪرڻ نھ ٿي چاھي ته پوءِ حڪومت لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيون ٿا.

رڳو ھڪ ڪمپني ٻولي لڳائي ھئي

پي آءِ جي نجڪاري لاءِ ٻولي ۾ حصو نھ وٺندڙ ٽن گروپن جي عھديدارن پرڏيھي خابرو اداري سان ڳالھائيندي چيو ھو ته کين ڊگھي مدي دوران حڪومت جي، پي آءِ اي لاءِ ڪيل معاھدن تي عملدرآمد ڪرڻ جي صلاحيتن بابت خدشا آھن.

نجڪاري ڪميشن پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ مجموعي طور 6 ڌرين کي اھل قرار ڏنو ھو پر واڪ ڏيڻ وقت 5 ڪمپنيون ٻولي واري عمل ۾ شريڪ ئي نه ٿيون ۽ رڳو ھڪ ڪمپني پاران انتھائي گھٽ ٻولي لڳائي وئي.

قومي ايئر لائين پي آءِ اي ھڪ پبلڪ لميٽڊ ڪمپني آھي، جنھن جي سرمايي جو 96 سيڪڙو حصو حڪومت وٽ آھي.

پي آءِ اي مختلف ڪاروباري شعبن ۾ ڪم ڪري ٿي، جن ۾ مسافرن جي خدمت، گرائونڊ ھينڊلنگ، فلائيٽ ٽريننگ، ڪارگو، انجنيئرنگ ۽ ان فلائيٽ ڪيٽرنگ شامل آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں