اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پاڪستان جي قومي اسيمبلي ٻن اهڙن قانونن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جن ۾ جهاز ھاءِ جيڪ ڪرڻ ۽ عورتن کي عوامي هنڌن تي ڪپڙن کان آجو ڪرڻ جهڙن سنگين ڏوهن تي موت جي سزا ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي .
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن بابت وزير اعظم نذير تارڙ فوجداري قانون ترميمي بل 2025 پيش ڪيو.
قانون واري وزير ايوان کي آگاهه ڪيو ته بل تحت فوجداري قانونن ۾ ٻه ترميمن ڪيون ويون آھن، پهرين ترميمي شق 354A سان لاڳاپيل آهي، جيڪا عورت جا ڪپڙا ڦاڙڻ واري ڏوھ جي سزا بابت آهي، ان ڏوھ تي موت جي سزا سان گڏ ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويندو هو، اها شق اڳوڻي صدر ضياءُ الحق جي دور ۾ شامل ڪئي وئي هئي، پر ان جو غلط استعمال ٿيندو رهيو .
اعظم نذير تارڙ جو چوڻ ھو تھ شق 354 کي 354A ۾ تبديل ڪرڻ سبب پوليس ٿاڻن ۾ رشوت عام ٿي وئي آهي، ان لاءِ هن ترميم تحت ان ڏوھ تي موت جي سزا ختم ڪري سزا ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.
قانون ڇا آهي؟

هڪ نجي ٽي وي جي رپورٽ مطابق، عورت کي عوامي ھنڌن تي جنسي ھيسائڻ وارو قانون 1982 ۾ اڳوڻي صدر ضياءُ الحق جي دور ۾ پاس ٿيو هو، قانون تحت جيڪڏھن ڪو شخص عوامي ھنڌن تي ڪنھن عورت تي حملو ڪري ٿو، يا ساڻس جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪري ٿو،يا وري سندن ڪپڙا ڦاڙي ٿو تھ ان تي موت ۽ ڏنڊ جي سزا ھوندي.
جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي عورت ميمبر عاليه ڪامران ھن ترميمي بل جي مخالفت ڪئي، جنهن تي ايون ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي ۽ اڪثريت جي بنياد تي بل منظور ڪيو ويو.
ٻي ترميم اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ شامل ڪيل شق 402C بابت آهي، جيڪا جهاز ھاءِ جيڪ ڪندڙ سان ملاقات يا تعلق رکڻ تي ان شخص کي به موت جي سزا ڏيڻ جو قانون آندو ويو هو، ترميمي بل تحت اهڙي ملاقات يا تعلق تي موت جي سزا ختم ڪئي پئي وڃي۔
پاڪستان شهريت ترميمي بل
ايوان ۾ گھرو مامرن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025 پيش ڪيو، جنهن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل قائمه ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.
طلال چوڌري ٻڌايو ته اسان سمنڊ پار پاڪستانين کي شهريت جو حق واپس ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪري رهيا آهيون، هاڻ جيڪڏهن ڪو ٻئي ملڪ جي شهريت حاصل ڪري، ته کيس پاڪستاني شهريت ڇڏڻي نه پوندي.
ايوان ۾ 2025 لاءِ مخبر جي تحفظ بابت نگران ڪميشن جو بل، پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ترميمي بل، موٽر گاڏين جي صنعت ترقياتي بل، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس، ۽ سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860 جي ترميمي بل پڻ پيش ڪيا ويا.