پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان ۾ صادق آباد ويجھو شيخاڻي پوليس چوڪي تي ڪچي جي ڌاڙيلن پاران ڪيل حملي جي نتيجي ۾ پوليس جي ايليٽ فورس جا 5 اھلڪار شھيد ٿي ويا آھن.
پوليس جو چوڻ آھي تھ 40 کان وڌيڪ ڌاڙيلن ڳرن ھٿيارن، دستي بمن، ھينڊ گرنيڊ ۽ راڪيٽ لانچرز سان چوڪي شيخاڻي تي حملو ڪيو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڌاڙيل بھ مارجي ويو.
شھيد ٿيل اھلڪارن ۾ محمد عرفان، محمد سليم، خليل احمد، غضنفر عباس ۽ نخيل حسين شامل آھن. شھيد اھلڪارن جا لاش شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيا ويا.
ڌاڙيلن سان مقابلي دوران اي ايس آءِ محمد اڪرم گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، پوليس جو چوڻ آھي تھ کيس شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت خطري کان ٻاھر آھي.

آءِ جي پنجاب رحيم يار خان پھچي ويو
شھيد ٿيل 5 اھلڪارن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ بعد صادق شھيد پوليس لائينز ۾ سندن جنازي نماز ادا ڪئي وئي، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور، ڊي آءِ جي بھاولپور، ڊي پي او رحيم يار خان عرفان سمون ۽ ٻيا جنازي ۾ شريڪ ٿيا.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور ڊي پي او عرفان سمون کي حڪم ڏنو تھ پوليس اھلڪارن جي شھادت ۾ ملوث ڌاڙيلن جي فوري گرفتاري لاءِ ھنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.
آءِ جي پنجاب ايليٽ فورس جي شھيد اھلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو تھ ڌاڙيلن جون بزدلاڻيون ڪارروائيون پوليس جا حوصلا ٽوڙي نھ ٿيون سگھن، ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن پوري طاقت سان جاري رھندو.
آءِ جي ڊاڪٽر عثمان انور چيو تھ ڌاڙيلن سان دليراني ويڙھھ دوران شھيد ٿيل پوليس جي جوانن جي رت رائگان نھ ويندي، رھزن ڌاڙيلن کي جلد سندن منطقي انجام تي پھچايو ويندو.
محسن نقوي جي شھيد اھلڪارن کي ڀيٽا
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي صادق آباد ويجھو پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آھي ۽ شھيد ٿيل 5 پوليس اھلڪارن جي قرباني کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.

محسن نقوي پنھنجي بيان ۾ چيو تھ پوليس جوانن رات جي اونداھي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندڙ ڌاڙيلن جو مڙسي سان مقابلو ڪندي پنھنجيون جانيون قربان ڪيون. ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف جھيڙيندڙ اھلڪارن جون قربانيون ياد رکيون وينديون.
ڌاڙيلن جي حملي ۾ شھيد ٿيل 5 پوليس اھلڪارن مان محمد عرفان، محمد سليم ۽ نخيل جو تعلق بھاولنگر ، جڏھن تھ خليل ۽ غضنفر جو تعلق رحيم يار خان سان آھي.
ڊي پي او رحيم يار خان عرفان سمون چيو آھي تھ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آھي، ھن چيو تھ پوليس آپريشن دوران ڪيترائي ڌاڙيل مارجي چڪا آھن، ڌاڙيلن رات جي اونداھي ۾ بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي.
ڊي پي او عرفان سمون چيو تھ اھلڪارن جي شھادت ۾ ملوث ڌاڙيلن کان شھيد اھلڪارن جي رت جو پلاند ورتو ويندو.