فيصل آباد (ويب نيوز) فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ڪيسن جو فيصلو ٻڌائيندي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اپوزيشن ليڊرز عمر ايوب ۽ شبلي فراز سميت پي ٽي آءِ جي 108 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت پنجاب اسيمبلي جي ميمبر جنيد افضل ساهي کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي ۽ خيال ڪاسترو کي ڪيسن مان بري ڪيو آھي.
زرتاج گل ۽ حامد رضا کي به 10-10 سال قيد جي سزا
دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن جو فيصلو ٻڌائيندي مجموعي طور 166 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي.زرتاج گل ۽ حامد رضا کي به 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
عدالت حساس اداري تي حملي جي ڪيس ۾ 185 جوابدارن مان 108 کي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ٻين کي آزاد ڪيو ويو.
غلام محمد آباد ۾ 9 مئي تي داخل ٿيل ڪيس ۾ 66 جوابدارن مان 8 کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته 58 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ايم اين اي زرتاج گل، قومي اسيمبلي جي ميمبر صاحبزاده حامد رضا ۽ شيخ رشيد جي ڀاڻيجي شيخ راشد شفيق کي به 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
پنجاب ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو سزائن کانپوءِ خالي قرار
گذريل هفتي 22 جولاءِ تي، ميانوالي ۾ 9 مئي 2023 واري احتجاج جي ڪيس ۾، پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر ملڪ احمد ڀچر سميت 32 اڳواڻن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي.
سرگوڌا جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت پاران سزا ٻڌايل ٻين اڳواڻن ۾ احمد چٺا، ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ٻيا اڳواڻ بھ شامل آهن.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ان فيصلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن احمد ڀچر کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو ۽ اڄ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي کي خالي قرار ڏنو ويو آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ 21 ڊسمبر 2024 تي، هڪ فوجي عدالت 9 مئي سانحي ڪيس ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

بعد ۾ 26 ڊسمبر 2024 تي هڪ فوجي عدالت 9 مئي 2023 سانحي ۾ ملوث عمران خان جي ڀائٽي حسن نيازي سميت 60 کان وڌيڪ جوابدارن کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي.
پاڪستان آرمي جي اپيلٽ ڪورٽس ھلندڙ سال 2 جنوري تي 9 مئي 2023 جي واقعن واري ڪيس ۾ سزا ٻڌايل 19 ڏوهارين جي سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪيو ھو.
نو مئي تي ٿيو ڇا هو؟
ياد رهي ته 9 مئي 2023 تي، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ پاران ملڪ گير احتجاج ڪيو ويو هو.
ان دوران لاهور جي ماڊل ٽائون علائقي ۾ 9 مئي تي مسلم ليگ (ن) جي آفيس کي ساڙڻ کانسواءِ، فوجي، سول ۽ خانگي ٺڪاڻن کي باهه ڏني وئي، انھن واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 290 زخمي ٿي پيا ھئا.
مظاهرين لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جي رهائشگاهه تي بھ حملو ڪيو ھو، جيڪو جناح هائوس جي نالي سان بھ مشهور آهي، ۽ راولپنڊي ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽر (GHQ) جي ھڪ گيٽ بھ ٽوڙي وئي ھئي.
بعد ۾ سموري ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان جهيڙي ۽ ڀڃ ڊاهه جي واقعن ۾ ملوث 1900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته عمران خان ۽ سندس پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس بھ داخل ڪيا ويا.