لاھور جي ندا صالح پاڪستان جي پھرين عورت ٽرين ڊرائيور بڻجي وئي

فہرستِ مضامین

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاھور جي ناري ندا صالح پاڪستان جي پھرين عورت ٽرين ڊرائيور بڻجي نئين تاريخ سرجي ورتي آھي.

وچولي طبقي جي ھڪ گھراڻي سان تعلق رکندڙ ندا صالح لاھور شھر جي سڀ کان وڌيڪ مصروف ۽ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندڙ ٽرانزٽ سسٽم جي اورنج لائين سروس جي ميٽرو ٽرين ھلائي رھي آھي.

ندا صالح جي ٽرين ڊرائيور طور مقرري کي عورتن جي پاڻ ڀرو ٿيڻ واري منزل ڏانھن اھم وک قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ ٽرين ڊرائيونگ واري شعبي تي سدائين مردن جو غلبو رھيو آھي.

ندا صالح ميٽرو ٽرين ھلائڻ جي تربيت پاڪستان ۽ چين جي ماھرن کان حاصل ڪئي آھي، اورنج ٽرين سروس جي  ترجمان جو چوڻ آھي تھ ندا صالح غير معمولي جاکوڙ سان پنھنجي خوابن کي حقيقت بڻائي ڏيکاريو آھي.

ٽرين ھلائڻ آسان نھ آھي پر ناممڪن به نه آھي: ندا صالح

ندا صالح جو چوڻ آھي تھ سندس خاندان شروع ۾ سندس ڪيريئر جي چونڊ واري فيصلي تي پريشان ھو، پر پوءِ سندس عزم، جوش ۽ جذبو ڏسي ھنن سندس فيصلي جي حمايت ڪئي.

ندا ٻڌائي ٿي تھ ٽرين ھلائڻ آسان نھ آھي پر اھو ناممڪن بھ نھ آھي. اھو ھڪ مڪمل ذميواري جو ڪم آھي، جنھن ۾ ھر شيءِ تي ڌيان رکڻو پوي ٿو.ھر سفر شروع ڪرڻ کان اڳ مان پاڻ ذاتي طور ٽرين جي سروسنگ ۽ حفاظتي اپائن جو جائزو وٺندي آھيان.

ندا صالح ٻڌايو تھ ھن ٽرانسپورٽيشن انجنيئرنگ ۾ ڊگري وٺڻ بعد اورينج لائين پراجيڪٽ ۾ ھڪ انجنيئرنگ پوزيشن لاءِ اپلاءِ ڪيو ھو، ان وقت ٽرين ڊرائيورز جي ھڪ بيچ کي تربيت ڏني پئي وئي.

ندا چيو تھ مون اورينج لائين جي چائنيز مئنيجمينٽ کي درخواست ڪئي تھ ڊرائيورز جي تربيت واري سيشن ۾ عورتن کي بھ شامل ڪيو وڃي، ھنن نھ رڳو درخواست منظور ڪئي پر سکيا وٺڻ ۾ زبردست مدد بھ ڪئي.

ندا صالح ٽرين سان گڏ ھڪ تبديلي به ھلائي رھي آھي

ندا صالح لاھور جي مصروف ترين ميٽرو لائينز ۾ شامل ھڪ سروس جي رڳو ٽرين نھ ھلائي رھي آھي، ھوءَ ڄڻ تھ ھڪ تبديليءَ کي ھلائي رھي آھي.

لاھور جي اورينج لائين ميٽرو ٽرين روز صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين ھلي ٿي، جيڪا علي ٽائون ۽ ڊيرا گجران جي وچ ۾ 26 اسٽيشنز تي اسٽاپ ڪري ٿي. ندا صالح ٽرين جي ڊرائيور يا آپريٽر طور روز ھزارين مسافرن جو بروقت ۽ محفوظ سفر  يقيني بڻائي ٿي.

سي ايم مريم نواز جي ندا صالح کي ڀيٽا

ندا صالح جي ٽرين ڊرائيور طور مقرري جي تاريخي اھميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ پنجاب جي سي ايم مريم نواز بھ سوشل ميڊيا جي پنھنجي ھڪ پيج تي ندا صالح جي ٽرين سان گڏ ھڪ وڏي تصوير لڳائي آھي.

مريم نواز جي پيج تي ندا صالح جي تصوير سان گڏ اھو لکيو ويو آھي تھ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ عورتن جي شموليت جي لحاظ کان ھيءَ ھڪ تاريخي گھڙي آھي.

ندا صالح ھن وقت رڳو ھڪ عورت ٽرين ڊرائيور نھ پر پاڪستان جي نوجوان ڇوڪرين لاءِ ھڪ رول ماڊل بھ بڻجي چڪي آھي.

سندس ڪھاڻي غير روايتي آھي، جيڪا اھو چٽو پيغام ڏئي رھي آھي تھ حوصلي، عزم ۽ اڻٿڪ جاکوڙ سان پاڪستان جون ٻيون نياڻيون بھ پنھنجا خواب ساڀيان ڪري سگھن ٿيون ۽ پنھنجي منزل ماڻي سگھن ٿيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں