ڪراچي: چيني شهرين تي حملي ۾ ملوث پابندي مڙهيل ”ٽي ٽي پي“ جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ دهشتگردي جي انت واري کاتي (سي ٽي ڊي) جي ڪارروائي دوران چيني شهرين تي حملي ۾ ملوث آپگهاتي بمبار سميت 3 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

سي ٽي ڊي دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو، گهر ۾ موجود دهشتگردن سي ٽي ڊي تي فائرنگ ڪري ڏني.

سي ٽي ڊي جي جوابي ڪارروائي ۾ آپگهاتي بمبار سميت 3 دهشتگرد ٿڌي تي مارجي ويا، ڊي ايس پي سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب سول اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن جي گڏيل آپريشن دوران دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان تعلق رکندڙ دهشتگرد مارجي ويا.

راجا عمر خطاب ٻڌايو ته سيڪيورٽي ادارن منگهوپير ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو، جتي دهشتگرد موجود هئا ۽ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردن کي ماريو ويو، دهشتگرد زعفران جي سر تي 2 ڪروڙ رپيا انعام رکيل هو، آپريشن دوران دهشتگرد جي گهر مان دستي بم، آپگهاتي جيڪٽيس ۽ هڪ ڊائري به هٿ آئي جنهن ۾ هدفن جا نالا لکيل هئا.

دهشتگرد ڪهڙين ڪاررواين ۾ ملوث هئا؟

راجا عمر خطاب ٻڌايو ته مقابلي ۾ مارجي ويل دهشتگرد گذريل سال چيني شهرين تي ٿيل حملي ۾ ملوث هئا، جڏهن چيني شهرين تي حملو ٿيو هو ته اُن وقت ڊي آءِ جي سيد اسد رضا صحافين کي ٻڌايو هو ته شروعاتي اطلاعن موجب اِهو واقعو انجنيئرز ۽ سيڪيورٽي گارڊز وچ ۾ منهن ماري جي نتيجي ۾ پيش آيو، جڏهن ته اصل ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

هن ٻڌايو هو ته هڪ خانگي سيڪيورٽي ڪمپني جي سپروائيزر ۽ ٽن سيڪيورٽي گارڊز کي پُڇاڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته فائرنگ ۾ ملوث گارڊ جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، فرار گارڊ جي گهر جو پتو پئجي ويو آهي، جاچ ٽيمون سندس پاڙيسرين کان ڄاڻ حاصل ڪري رهيون آهن.

“دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي”

پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ واقع ٿي آهي،خاص طور تي خيبر پختونخوا (ڪي پي ڪي) ۽ بلوچستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن حملا تيز ڪيا آهن، اِها ڪڙي نومبر 2022 ۾ ٽي ٽي پي طرفان حڪومت سان جنگبندي جي خاتمي کانپوءِ حملن ۾ تيزي سان ملي ٿي.

پابندي مڙهيل تنظيمون پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائينديون آهن، پر گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۾ چيني شهرين کي به ڪيترائي ڀيرا دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي.

نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جي 2024 ۾ جاري ٿيل رپورٽ موجب 2021 کان هيل تائين دهشتگرد حملن ۾ 20 چيني شهري مارجي ويا ۽ 34 زخمي ٿي چڪا آهن.

آڪٽوبر 2024 ۾ ڪراچي ايئرپورٽ جي ويجهو هڪ آپگهاتي حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي، اِن حملي ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا هئا.

چيني شهري نشانو ڇو پيا بڻجن؟

ماضي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمون سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائينديون رهيون آهن، پر گذريل ڪجهه سالن کان سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين کي نشانو بڻائڻ جا واقعا وڌيا آهن.

مارچ 2024 ۾ خيبرپختونخوا جي علائقي بشام ۾ چيني ورڪرن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ 5 چيني شهري مارجي ويا، حملي جي ذميواري سڌي ريت تي ڪنهن قبول نه ڪئي هئي، ادارن کي شڪ هو ته ٽي ٽي پي يا داعش اِهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي.

اپريل 2022 ۾ جامع ڪراچي ۾ واقع ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي ۾ 3 چيني شهرين سميت 4 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ 4 زخمي ٿيا هئا.

چين پاڪستان ۾ سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي تي خدشا ظاهر ڪندي حڪومت کي سيڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪرڻ جي درخواست ڪندو رهيو آهي، چيني وزير جيانگ زي چيني شهرين تي حملن کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏيندي اسلام آباد کان مطالبو ڪيو هو ته دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪري چيني شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں