عمرڪوٽ (نمائمندن وٽان) سنڌ جي ضلعي عمرڪوٽ جي ڀرپاسي واري ڳوٺ گموري جي ڪوري بستي ۾ هڪ انتهائي افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي سرڪاري اسڪول جي زبون حال ڀت اوچتو ڪرڻ سبب ملبي هيٺان دٻجي 3 معصوم نينگريون فوت ٿي ويون. فوت ٿيلن ۾ ٻه ننڍڙيون ٻارڙيون پڻ شامل آهن. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاھ ۽ صوبائي تعليم واري وزير سردار شاھ واقعي جو نوٽيس وٺندي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
مليل ڄاڻ موجب نينگريون ويجهو موجود مدرسي مان تعليم حاصل ڪري واپس پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيون هيون. هو سرڪاري اسڪول جي ڀت ڀرسان لنگهي رهيون هيون ته اوچتو ڪيترن سالن کان زبون حال ۽ ڪمزور ٿيل ڀت ڪري پئي. ڀت جو ڳرو ملبو سڌو ٻارڙين تي اچي ڪريو، جنهن سبب هو ملبي هيٺان دٻجي ويون.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي علائقي جا رهواسي ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ ملبي هيٺان نينگرين کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سخت زخمن سبب حياتي وڃائي ويٺيون.
فوت ٿيل نينگرين ۾ 13 ورهين جي صغريٰ ڌيءَ ابوبڪر ڪوري، 4 ورهين جي رابعه ڌيءَ فاروق ۽ 3 ورهين جي ڪنيزه شامل آهن.
حادثي کان پوءِ فوت ٿيل نينگرين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. وارثن ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت ۽ ڀت جي زبون حالي بابت اڳ به ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو هو، پر وقت سر مرمت نه ٿيڻ سبب هي المناڪ حادثو پيش آيو.
سنڌ جي وڏي وزير واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي، جڏهن ته صوبائي تعليم واري وزير به اسڪول جي عمارت جي حالت ۽ ذميوارن بابت جاچ جو حڪم جاري ڪيو آهي. اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن غفلت يا لاپرواهي ثابت ٿي ته ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
هي حادثو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن جي عمارتن جي خستہ حالي ۽ شاگردن جي حفاظت بابت سنجيده سوال اٿاري رهيو آهي. تعليمي ۽ سماجي حلقن مطالبو ڪيو آهي ته صوبي جي سڀني پراڻين ۽ خطري واري حالت ۾ موجود اسڪولن جي سروي ڪرائي، فوري مرمت يا نئين سر تعمير ڪئي وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن دردناڪ حادثن کان بچي سگهجي.