لائیو 15 سال گذري ويا، سنڌ جو آبپاشي کاتو اڃا به ترقياتي اسڪيمون مڪمل نه ڪري سگهيو

فہرستِ مضامین

236 ارب رپين جون اسڪيمون دير سبب 265 ارب رپين تائين پهتيون، 89 ارب خرچ ٿيڻ باوجود 147 ارب رپين جا منصوبا اڃا اڻ مڪمل

ڪراچي (رپورٽ : شڪيل سومرو) سنڌ ۾ چوماسي جون برساتون ڪنهن به وقت شروع ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ به ايندڙ هفتن دوران وهڪرن ۾ واڌ جو امڪان آهي. اهڙي نازڪ وقت تي سنڌ حڪومت جا پنهنجا سرڪاري بجيٽ دستاويز هڪ پريشان ڪندڙ حقيقت سامهون آڻي رهيا آهن. دستاويزن موجب آبپاشي کاتي جون اربين رپين جون ترقياتي اسڪيمون سالن گذرڻ باوجود اڃا مڪمل نه ٿي سگهيون آهن، ڪيترائي منصوبا اڃا فزيبلٽي، سروي ۽ ڪنسلٽنسي جي مرحلي ۾ بيٺل آهن، جڏهن ته دير سبب انهن جي لاڳت ۾ لڳ ڀڳ 30 ارب رپين جو اضافو ٿي چڪو آهي.

ڊبليو ٽي اين جي انويسٽيگيشن ٽيم سنڌ حڪومت جي مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ جي سرڪاري دستاويز “پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (واليوم-5)” جو تفصيلي جائزو ورتو، جنهن ۾ آبپاشي کاتي سميت مختلف کاتن جي جاري ۽ نون ترقياتي منصوبن جا مڪمل انگ اکر، لاڳت، مالي ورهاست، پيش رفت ۽ هدف شامل آهن.

دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آبپاشي کاتي جي سمورن منصوبن جي شروعاتي لاڳت 236 ارب 17 ڪروڙ 77 لک رپيا هئي، جيڪا وقت سان گڏ وڌي 265 ارب 40 ڪروڙ 36 لک رپين تائين پهچي وئي آهي. يعني منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير سبب لڳ ڀڳ 30 ارب رپين جو اضافي مالي بار سرڪاري خزاني تي پئجي چڪو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب جون 2026ع تائين انهن منصوبن تي 89 ارب 23 ڪروڙ 17 لک رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، پر ان باوجود 146 ارب 94 ڪروڙ 60 لک رپين جا ڪم اڃا مڪمل ٿيڻا باقي آهن.

رپورٽ موجب آبپاشي کاتي جون ڪيتريون ئي اهم رٿائون اڃا تائين فزيبلٽي، سروي، ڊيزائن يا ڪنسلٽنسي جي مرحلي مان اڳتي نه وڌي سگهيون آهن. انهن ۾ ٿر ۾ پاڻي جي منصوبن جي فزيبلٽي، چاڙهو ڪريڪ کان سر ڪريڪ تائين سامونڊي بند جي سروي ۽ ڊيزائن، نارا ڪينال ڀرسان زميني پاڻي جي جاچ، روهڙي ڪينال جي ڪنڪريٽ لائيننگ، سنڌو درياهه تي تنگ پلن جي ويڪرائي، اسڪارپ ۽ ايل بي او ڊي جي زيرزمين ڊرينيج سسٽم جي بحالي ۽ آبهوا جي تبديلي کي نظر ۾ رکندي آبپاشي شعبي جي حڪمت عملي جهڙا منصوبا شامل آهن. انهن مان ڪيترائي منصوبا 2023ع ۾ منظور ٿيڻ باوجود اڃا ابتدائي مرحلن ۾ ئي بيٺل آهن.

دستاويزن مان اها به خبر پوي ٿي ته ڪيترين پراڻين اسڪيمون اڃا مڪمل طور منظور به نه ٿيون آهن، پر انهن لاءِ اڳ ئي 33 ارب 69 ڪروڙ 12 لک رپين جو مالي بار منتقل ٿي چڪو آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ انهن منصوبن لاءِ صرف 5 ارب 96 ڪروڙ 6 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

اهڙي طرح ڪجهه منصوبن ۾ ته اڃا تائين صرف سروي ۽ جاچ وارو مرحلو ئي مڪمل نه ٿيو آهي. انهن جي ڪل لاڳت 9 ڪروڙ 23 لک رپيا آهي، جن مان رڳو 39 لک 87 هزار رپيا خرچ ٿيا آهن، جڏهن ته 7 ڪروڙ 58 لک 64 هزار رپين جو ڪم اڃا باقي آهي.

رپورٽ موجب ڪيترن منصوبن تي اڳ ئي اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود ايندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي بجيٽ انتهائي محدود رکي وئي آهي. جاري منصوبن لاءِ صرف 1 ارب 4 ڪروڙ 73 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جنهن سان خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن فنڊن جي رفتار اهڙي ئي رهي ته ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿيڻ ۾ اڃا ڪيترائي سال لڳائي سگهن ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته مسئلو صرف مالي وسيلن جي کوٽ جو ناهي، پر منصوبابندي ۾ دير، ڪم جي سست رفتاري، فنڊن جي دير سان فراهمي، نگراني جي ڪمزوري ۽ احتساب جي فقدان سبب به ترقياتي رٿائون سالن تائين مڪمل نٿيون ٿي سگهن. نتيجي ۾ هر سال لاڳت وڌندي رهي ٿي ۽ نئين بجيٽ جو وڏو حصو پراڻين اڌورين اسڪيمن تي خرچ ٿيندو رهي ٿو.

هي صورتحال ان ڪري به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿي، ڇاڪاڻ⁠تہ سنڌ هر سال چوماسي جي برساتن، ٻوڏن ۽ سنڌو درياهه جي چاڙهه کي منهن ڏئي ٿي. جيڪڏهن بندن جي مضبوطي، حفاظتي ڪپرن، نيڪال واري نظام ۽ ڪينالن جي بهتري جا منصوبا وقت سر مڪمل نه ٿين ته ان جا اثر رڳو سرڪاري انگن اکرن تائين محدود ناهن رهندا، پر لکين ماڻهن جي جان، مال، زراعت، ڳوٺن، شهرن ۽ بنيادي ڍانچي تي به پوندا.

2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ کان چار سال پوءِ به بنيادي سوال اڃا ساڳيو آهي: ڇا سنڌ جو آبپاشي ۽ حفاظتي نظام ايندڙ وڏين برساتن ۽ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، يا اربين رپين جا منصوبا اڃا به سرڪاري فائلن ۾ ڦاٿل رهندا؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں