ڪراچي (بيورورپورٽ) جيو نيوز پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس آڏو هلندڙ ٻڌڻي دوران هڪ حساس مذهبي نوعيت جي دستاويزي فلم (ڊاڪيومينٽري) جي نشريات بابت پنهنجي غلطي جو غيرمشروط اعتراف ڪندي معافي گهري آهي. انتظاميا ٻڌايو ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ دستاويزي فلم تيار ڪندڙ ۽ ان کي نشر ٿيڻ کان اڳ منظور ڪندڙ ايڊيٽوريل ڪميٽي جي ميمبر کي ملازمت مان برطرف ڪيو ويو آهي.
ٻڌڻي دوران جيو نيوز جي لائسنس هولڊر ڪمپني جي نمائندگي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي وڪيل صائم هاشمي ڪائونسل کي ٻڌايو ته اداري طرفان واقعي کي انتهائي سنجيدگي سان ورتو ويو آهي. هن چيو ته انتظاميا پنهنجي غلطي کي بنا ڪنهن شرط جي تسليم ڪري ٿي ۽ ان تي غيرمشروط معافي پڻ طلب ڪري ٿي.
جيو نيوز طرفان پيمرا کي آگاهه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ اهڙين غلطين کي روڪڻ لاءِ ادارتي پاليسي ۾ اهم تبديليون آنديون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هڪ ديني عالم کي ايڊيٽوريل ڪميٽي جو حصو بڻايو ويندو، جيڪو حساس مذهبي مواد جي نشر ٿيڻ کان اڳ ان جو جائزو وٺندو، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به تڪراري يا غيرمناسب مواد جي نشريات کان بچي سگهجي.
ٻڌڻي دوران جيو نيوز جي وڪيل ارباز خان سميت قانوني ٽيم ڪائونسل کي لاڳاپيل دستاويز پڻ پيش ڪيا، جن ۾ ٻڌايو ويو ته انتظاميا اندروني جاچ کان پوءِ دستاويزي فلم تيار ڪندڙ ۽ ان کي پري ويو (Preview) ڪندڙ ذميوار آفيسر کي نوڪريءَ تان فارغ ڪري ڇڏيو آهي.
هي معاملو ان حساس دستاويزي فلم جي نشريات کان پوءِ سامهون آيو، جنهن بابت شڪايتون داخل ٿيڻ تي پيمرا ڪارروائي شروع ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس جيو نيوز جي وضاحت ٻڌي ۽ پيش ڪيل قدمن جو جائزو ورتو.
ميڊيا ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽيليويزن چينلن تي مذهبي، سماجي ۽ قومي حساسيت رکندڙ مواد جي نشريات دوران ادارتي نگراني انتهائي اهم هوندي آهي. سندن خيال آهي ته اهڙي قسم جي واقعن کان بچڻ لاءِ واضح ايڊيٽوريل پاليسيون، اثرائتو جائزو ۽ پيشي وراڻو احتياط ضروري آهن، جيئن صحافتي ذميوارين سان گڏ عوامي اعتماد پڻ برقرار رهي.