بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ هڪ اجلاس منعقد ٿيو۔
اجلاس ۾ آزاد ڪشمير امور جي انچارج فريال ٽالپر، قائم مقام صدر چودھري لطيف اڪبر، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چودھري محمد ياسين شرڪت ڪئي۔
اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ چونڊن بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو۔
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي عوامي خدمت ۽ مسئله ڪشمير جي حل لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي۔
هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ چونڊن جو بگل وڄي چڪو آهي، ۽ ڪارڪنن کي گهرجي ته جوش ۽ جذبي سان پارٽي جي چونڊ مهم هلائين۔
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندي۔
هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي فلاح و بهبود، سٺي حڪمراني (گڊ گورننس)، شفافيت ۽ ترقياتي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائيندي۔
بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته عوام سان پنهنجا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪن ۽ پارٽي جو نظريو ۽ پيغام هر گهر تائين پهچائين۔
هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوامي حقن، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڳتي به اها جدوجهد مڪمل طاقت سان جاري رهندي۔