اسلام آباد ( بيورورپورٽ) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته هو ڀارت سان ڪنهن به قسم جي فوجي ٽڪراءُ يا جنگ نٿو چاهي، پر جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ يا ان جي وهڪري ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي “جنگي ڪارروائي” تصور ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل سنڌ طاس معاهدي بابت هڪ عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڻي کي سياسي يا فوجي هٿيار طور استعمال ڪرڻ قبول نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ بين الاقوامي قانوني معاهدو آهي، جنهن کي هڪ طرفي طور معطل يا ختم نٿو ڪري سگهجي.
پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان پاڪستان ڏانهن ايندڙ دريائن جي پاڻي کي روڪڻ يا ان جو رخ تبديل ڪرڻ سان نه رڳو معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿيندي، پر اهو پاڪستان جي زرعي معيشت، خوراڪ جي تحفظ ۽ لکين ماڻهن جي زندگيءَ تي سڌو سنئون اثر وجهندو. اسلام آباد خبردار ڪيو آهي ته اهڙي ڪنهن به قدم جا سنگين علائقائي نتيجا نڪري سگهن ٿا.
هي بيان ان پسمنظر ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن ڀارت جي پاڻي وسيلن واري وزير اڳ ۾ چيو هو ته ڀارت اهڙا منصوبا تيار ڪري رهيو آهي، جن سان “پاڪستان ڏانهن هڪ ڦڙو به پاڻي نه وڃڻ” کي يقيني بڻائي سگهجي. ان بيان کان پوءِ پاڪستان سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو هو ته پاڻي روڪڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 51 جي تناظر ۾ انتهائي سنگين قدم ۽ ممڪن طور جنگي ڪارروائي سمجهيو ويندو.
پاڪستان جو موقف آهي ته 1960ع ۾ ٿيل سنڌ طاس معاهدو عالمي بئنڪ جي سرپرستي ۾ وجود ۾ آيو هو ۽ اهو گذريل ڪيترين ئي جنگين ۽ سياسي بحرانن باوجود برقرار رهيو آهي. پاڪستان جو اصرار آهي ته معاهدي ۾ ڪنهن به ڌر کي هڪ طرفي طور ان کي معطل يا ختم ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پاڻي جو مسئلو هاڻي رڳو فني يا قانوني معاملو نه رهيو آهي، پر ڏکڻ ايشيا جي سلامتي، سفارتڪاري ۽ علائقائي استحڪام سان ڳنڍيل هڪ اهم تڪراري موضوع بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين ذريعي حل نه نڪتو ته پاڻي بابت ڇڪتاڻ مستقبل ۾ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي سگهي ٿي.