لائیو نيتن ياهو حڪومت هلائڻ جي صلاحيت وڃائي چڪو آهي: اڳوڻو اسرائيلي وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم نفتالي بينيٽ نيتن ياهو تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي ئي حڪومت هلائڻ جي صلاحيت نٿو رکي۔

سندس چوڻ هو ته انتهائي ساڄي ڌر وارا وزير اتمار بن گوير، بزليل سموٽريچ ۽ قدامت پسند مذهبي (حريدي) جماعتون نيتن ياهو تي اثرانداز ٿي چڪيون آهن۔

براڊڪاسٽر ماريو نوفل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نفتالي بينيٽ چيو ته نيتن ياهو پنهنجي حڪومت نٿو هلائي سگهي، ڇاڪاڻ ته بن گوير، سموٽريچ ۽ حريدي جماعتون کيس ڪنٽرول ڪري رهيون آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي حڪومت ۾ اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن به جاءِ نه ڏيان ها، جيڪي اتمار بن گوير ۽ بزليل سموٽريچ جهڙا غير ذميواراڻا بيان ڏين ٿا۔ مان ته شروعات ۾ ئي بن گوير کي پنهنجي ڪابينا جو حصو نه بڻايان ها۔ جيڪڏهن منهنجي حڪومت جو ڪو وزير اهڙي قسم جو بيان ڏئي ها ته مان کيس فوري طور تي تنبيه ڪريان ها، پر بنيامين نيتن ياهو هاڻي ائين نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ انهن ئي جماعتن تي ڀاڙي ٿو۔

نفتالي بينيٽ اهو به اعتراف ڪيو ته عالمي سطح تي اسرائيل جي ساک کي سخت نقصان پهتو آهي۔

سندس موجب ان جو سبب ٻاهرين پروپيگنڊا يا جانبدار ميڊيا نه، پر حڪومت جو پنهنجو طرزِ عمل آهي۔

هن چيو ته حڪومتي وزيرن جا بيان ۽ قدم اسرائيل جي عالمي ساک کي مسلسل نقصان پهچائي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت اثرائتي عوامي سفارتڪاري (پبلڪ ڊپلوميسي) تي به ڪا خاص توجهه نه ڏني آهي۔

اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته غزه، لبنان ۽ ايران جي محاذن تي ڊگهي عرصي تائين جاري جنگون اسرائيل جي روايتي فوجي نظريي جي خلاف آهن ۽ انهن سبب ملڪ جي وسيلن تي سخت دٻاءُ پئجي رهيو آهي۔

هن چيو ته “هي اسرائيل جو فوجي نظريو ناهي۔ جيڪڏهن جنگ ناگزير هجي ته ان کي تيزيءَ ۽ ڀرپور انداز ۾ وڙهڻ گهرجي، ڪاميابي حاصل ڪري جلد کان جلد علائقي کي مستحڪم ڪرڻ گهرجي۔ پر جڏهن جنگ کي غيرضروري طور ڊگهو ڪيو وڃي ٿو ته ان سان معيشت ڪمزور ٿئي ٿي ۽ ريزرو فوج تي به ڳرو بار پوي ٿو.”

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں