اسلام آباد : وياج کان پاڪ مالياتي نظام ڏانهن منتقلي مرحليوار ٿيندي، حڪومت ان حوالي سان جامع حڪمت عملي جاري ڪري ڇڏي آهي۔
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب 2027ع کان پوءِ مالياتي نظام جو عملي نفاذ ڪيترن ئي اهم چئلينجن ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ سان مشروط هوندو۔ منتقلي تدريجي، هموار ۽ ڪنهن وڏي رڪاوٽ کانسواءِ ڪئي ويندي ته جيئن مالياتي نظام جو استحڪام برقرار رهي۔
روايتي بئنڪن کي اسلامي ماليات بابت تربيت ڏيڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، جن سان منتقلي جو عمل وڌيڪ آسان ۽ هموار ٿيندو۔ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي زري پاليسي به 2027ع کان پوءِ شريعت مطابق ترتيب ڏئي لاڳو ڪئي ويندي۔
موجوده سرڪاري قرضن کي شرعي مالياتي ذريعن ۾ تبديل ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اثاثا رجسٽري ڪمپني جو قيام ۽ صڪوڪ (سُڪوڪ) جاري ڪرڻ به حڪمتِ عملي جو حصو آهن۔ ڊسمبر 2027ع تائين وفاقي ۽ صوبائي قانونن ۾ ترميمون پڻ انتهائي اهم هونديون۔
وفاقي شرعي عدالت جي 2022ع واري فيصلي ۽ آئين ۾ 26هين ترميم تحت 2027ع کان پوءِ پاڪستان ۾ وياج کان پاڪ مالياتي نظام لاڳو ڪرڻ جو تصور پيش ڪيو ويو آهي۔ بهرحال، وزارتِ خزانه واضح ڪيو آهي ته سود کان پاڪ مالياتي نظام ڏانهن منتقلي مرحليوار ۽ تدريجي انداز ۾ ٿيندي ته جيئن ڪنهن وڏي رڪاوٽ کان بچي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي رڪاوٽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر وجهي سگهي ٿي۔
ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ “2027ع کان پوءِ پاڪستان جي مالياتي نظام بابت حڪمتِ عملي” ۾ چيو ويو آهي ته هن حڪمتِ عملي تحت 2027ع کان پوءِ مالياتي نظام جو عملي نفاذ ڪيترن ئي اهم چئلينجن ۽ خطرن سان منهن ڏيڻ تي دارومدار رکي ٿو۔