آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته آمريڪا ايران کان اهڙيون مستقل، تصديق جوڳيون ۽ سخت نگراني تي ٻڌل ضمانتون چاهي ٿو، جن ذريعي اهو يقيني بڻائي سگهجي ته تهران پنهنجو جوهري پروگرام مڪمل طور ختم ڪري ڇڏي۔
پروگرام “دي مائيڪل نولز شو” ۾ ڏنل هڪ انٽرويو دوران وينس چيو ته ايران سان مستقبل ۾ ٿيندڙ ڪنهن به معاهدي کي سخت جاچ پڙتال واري اثرائتي نظام سان مشروط هجڻ گهرجي۔
هن چيو تہ اسان مستقل، قابلِ تصديق ۽ معائنن سان مضبوط ڪيل ضمانتون چاهيون ٿا، ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته ايران پنهنجي ملڪ ۾ موجود جوهري پروگرام کي مڪمل طور ختم ڪري.
وينس جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن واشنگٽن ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن۔ ان سلسلي ۾ آمريڪا جي خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر اڄ دوحا پهتا، جتي هو جون ۾ طئي ٿيل عارضي معاهدي تي عملدرآمد جي ڪوششن جي سلسلي ۾ قطري ثالثن سان ملاقاتون ڪندا۔
جيتوڻيڪ صدر ٽرمپ قطر ۾ ملاقاتن جو اعلان ڪيو هو، پر قطر جي پرڏيهي وزارت واضح ڪيو آهي ته آمريڪي وفد قطري ثالثن ۽ ممڪن طور پاڪستاني ثالثن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪندو۔
وزارت اهو به ٻڌايو ته دوحا ۾ آمريڪي ۽ ايراني وفدن جي وچ ۾ ڪنهن اعليٰ سطحي سڌي ملاقات جو اڃا تائين ڪو شيڊول طئي ناهي ٿيو۔
ٻئي پاسي ايران چيو آهي ته سندس فني وفد رڳو عارضي معاهدي تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ موجود آهي ۽ ان جو آمريڪي وفد جي دوري سان سڌو سنئون ڪو تعلق ناهي۔
آمريڪا جي موجوده موقف ۾ قابلِ تصديق ضمانتن ۽ بين الاقوامي معائنن تي زور هڪ بنيادي نقطو آهي، ڇاڪاڻ ته واشنگٽن کي خدشو آهي ته جيڪڏهن ڪو نئون معاهدو اثرائتين ضمانتن کان خالي رهيو ته اهو ايران کي مستقبل ۾ جوهري هٿيارن جي صلاحيت حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪافي ثابت نه ٿيندو۔