پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ چاڙهه کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت پيٽروليم پرائسز اسٽيبلائيزيشن فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي۔
وفاقي حڪومت پيٽروليم پرائسز اسٽيبلائيزيشن فنڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت سڀني لاڳاپيل ادارن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي۔
نوٽيفڪيشن موجب فنڊ لاءِ سرڪاري اڪائونٽ به مختص ڪيو ويو آهي۔
آڊيٽر جنرل پاڪستان، ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس ۽ اڪائونٽنٽ جنرل آف پاڪستان روينيو کي آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي اڪائونٽنٽ جنرلز کي به اطلاع ڏنو ويو آهي۔
صوبائي حڪومتن کي پڻ فنڊ جي وصولي بابت ضروري انتظام مڪمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن۔
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فنڊ ۾ جمع ٿيندڙ سموري رقم وفاقي حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ويندي، جڏهن ته فنڊ لاءِ خاص اڪائونٽ هيڊ ۽ آبجيڪٽ ڪوڊ به مختص ڪيو ويو آهي۔
فنڊ جا قاعدا ۽ ضابطا ناڻي واري وزارت، پيٽروليم ڊويزن ۽ اوگرا گڏيل طور تي تيار ڪندا، جڏهن ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ قانوني ۽ مالي طريقه ڪار الڳ طور منظور ڪيو ويندو۔