لائیو ٹرمپ انتظامیہ ۾ ايران ۽ لبنان پاليسي تي اختلاف، وائيٽ هائوس ترديد ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

ٽرمپ انتظاميه جي ٻن اهم اڳواڻن جِي ڊي وينس ۽ مارڪو روبيو جي بيانن کان پوءِ ايران ۽ لبنان بابت پاليسي تي ممڪن اختلافن جي بحث شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته وائيٽ هائوس ڪنهن به ورهاست جي سختي سان ترديد ڪئي آهي۔

الجزيره جي رپورٽ موجب جِي ڊي وينس ايران سان معاهدي ۽ مفاهمت جي حق ۾ نرم مؤقف اختيار ڪندي چيو ته ڳالهين ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ حتمي معاهدي جي بنياد مضبوط آهي.

هن اسرائيل جي فوجي ڪارروائين تي به تنقيد ڪندي چيو ته هڪ ننڍو ملڪ لڳاتار فوجي طاقت ذريعي هر مسئلو حل نٿو ڪري سگهي.

ان جي ابتڙ مارڪو روبيو ايران بابت سخت مؤقف اختيار ڪندي خليجي ملڪن کي يقين ڏياريو ته آمريڪا سندن مفادن جو تحفظ ڪندو۔

هنن چيو ته آبنائي هرمز ڪنهن هڪ ملڪ جي ملڪيت نٿي ٿي سگهي ۽ ايران تي سخت پابندين واري مؤقف کي به ٻيهر ورجايو ويو۔

رپورٽ موجب لبنان جي معاملي تي به ٻنهي اڳواڻن جي بيانن ۾ فرق ڏٺو ويو آهي۔

وينس اسرائيل جي بمباري جي اثرن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته روبيو اسرائيلي ڪارروائين کي جائز قرار ڏيندي چيو ته هي حزب الله جي حملن جو جواب آهن۔

الجزيره جو دعويٰ آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي جي ڪوشش جاري آهي، پر ساڳئي وقت آبنائے هرمز ۾ ڇڪتاڻ به وڌي رهي آهي، جنهن سبب عالمي توانائي جي رسد متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي۔

ٻئي پاسي وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو آهي ته پوري انتظاميه صدر ٽرمپ جي مؤقف سان مڪمل طور تي متحد آهي ۽ ڪنهن به قسم جي اختلافن جون ڳالهيون بي بنياد آهن۔

مارڪو روبيو به واضح ڪيو آهي ته سڀ فيصلا آمريڪي صدر جي قيادت هيٺ ڪيا پيا وڃن۔

الجزيره پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سياسي مبصرن جي راءِ موجب وئنس ۽ روبيو جي مؤقف ۾ هي فرق آمريڪي پرڏيهي پاليسي اندروني ڇڪتاڻ جي عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن ته ٻنهي کي ٽرمپ جي ممڪن سياسي جانشين طور به ڏٺو پيو وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں