لائیو جرمني جي نوجوانن جي فلاحي مرڪز ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا فوت، ٻه جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

برلن / شٽاڊي: (انٽرنيشنل نيوز) جرمني جي شهر شٽاڊي (Stade) ۾ واقع نوجوانن جي هڪ فلاحي مرڪز اندر ٿيل فائرنگ جي واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي ٻيا زخمي ٿي پيا. جرمن پوليس واقعي کان پوءِ تيز ڪارروائي ڪندي ٻن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، فائرنگ جو واقعو نوجوانن جي فلاحي ۽ سماجي سرگرمين لاءِ قائم هڪ مرڪز ۾ پيش آيو، جتي ان وقت ڪيترائي ماڻهو موجود هئا. اوچتو فائرنگ شروع ٿيڻ سبب مرڪز ۾ ڀاڄ ۽ خوف پکڙجي ويو.

ريسڪيو ٽيمن ۽ ايمرجنسي سروسز واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي فوري طور ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو. اختيارين موجب، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي.

جرمن پوليس واقعي کان ٿوري دير پوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جاچ ڪندڙ ادارا اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته فائرنگ جا اصل سبب ڇا هئا، جوابدارن جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق هو ۽ ڇا هي حملو اڳواٽ رٿابندي تحت ڪيو ويو يا نه.

پوليس واقعي واري هنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. شاهدن جا بيان پڻ قلمبند ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارا فائرنگ جي پس منظر، ممڪن مقصد ۽ جوابدارن جي لاڳاپن بابت مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهن.

جرمن حڪومت ۽ مقامي اختيارين واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان همدردي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته زخمين کي هر ممڪن طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں