لائیو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان وفاقي ادارن کان سنڌ ڪوٽا بابت تفصيل طلب، ڀرتين ۾ ڪوٽا تي عملدرآمد جي جاچ شروع

فہرستِ مضامین

اسلام آباد:(خاص رپورٽ) وفاقي حڪومت جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ملڪ جي سڀني وزارتن، ڊويزنن ۽ وفاقي ادارن کان سنڌ جي ڪوٽا تحت ٿيل ڀرتين جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، ته جيئن اهو معلوم ڪري سگهجي ته سرڪاري نوڪرين ۾ مقرر ڪيل ڪوٽا تي صحيح نموني عمل ٿيو آهي يا نه.

ذريعن موجب، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته هو سنڌ جي شهري (Urban) ۽ ٻهراڙي (Rural) واري ڪوٽا بابت تفصيلي انگ اکر فراهم ڪن.

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن خاص طور تي گريڊ 6 کان گريڊ 15 تائين جي ڀرتين بابت هيٺين معلومات گهري آهي:

سنڌ اربن ۽ سنڌ رورل جي ڪوٽا موجب ڪيتريون آساميون ٺهن ٿيون؟

انهن آسامين تي سنڌ ڊوميسائيل رکندڙ ڪيترا اميدوار ڀرتي ڪيا ويا؟

ڇا ڀرتين دوران مقرر ڪيل ڪوٽا تي مڪمل عمل ڪيو ويو يا نه؟

وفاقي حڪومت جو مقصد اهو جائزو وٺڻ آهي ته مختلف وزارتن ۽ وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي آئيني ۽ قانوني ڪوٽا تي صحيح نموني عملدرآمد ٿيو آهي يا ڪنهن سطح تي ان ۾ گهٽتائي يا بيقاعدگيون موجود آهن.

جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪوٽا موجب ڀرتيون نه ٿيون هونديون ته ان بابت وڌيڪ جاچ ۽ ضروري انتظامي قدم کنيا وڃڻ جا امڪان آهن.

پاڪستان جي سرڪاري ملازمتن ۾ مختلف صوبن ۽ علائقن لاءِ مخصوص ڪوٽا مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته سنڌ جي حصي کي سنڌ شهري ۽ سنڌ ٻهراڙي جي بنياد تي الڳ الڳ ورهايو ويو آهي، جيئن ٻنهي علائقن جي ماڻهن کي روزگار جا برابر موقعا ملي سگهن.

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي سمورن وفاقي ادارن کان رپورٽون وصول ٿيڻ بعد انهن جو جائزو ورتو ويندو. ان بنياد تي اهو طئي ڪيو ويندو ته وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي مڪمل عمل ٿيو آهي يا نه، ۽ جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ کوٽ يا بيقاعدگي ملي ته ان بابت مناسب قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں