صدر آصف علی زرداری چيو آهي ته هو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جي اعلان جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو.
آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته اميد آهي ته هي اڳڀرائي حتمي معاهدي لاءِ رستو هموار ڪندي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي بنياد رکندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي فخر آهي ته هن ڏکئي وقت ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪئي.
هن جي مطابق هي اڳڀرائي گهڻ طرفي تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته هو دعاگو آهي ته اهي ڪوششون خطي ۽ دنيا ۾ وڌيڪ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب بڻجن.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته سڀني کي مبارڪون، ايران سان معاهدو مڪمل ٿي ويو آهي.
پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايراني بندرگاهن تي آمريڪا جي بحري ناڪابندي ختم ڪئي وئي آهي، دنيا جا سمورا جهاز پنهنجي سرگرميون ٻيهر شروع ڪن، تيل جي ترسيل ٻيهر بحال ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هرمز جي آبنائي جمعي تي جنگبندي معاهدي تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ کوليو ويندو، ۽ ان کي بارودي سرنگن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا۔