ھانيہ عامر سان مشابھت رکندڙ سان ميڪ اپ آرٽسٽ جي ويڊيو وائرل، مداحن ۾ دلچسپ بحث

فہرستِ مضامین

پاڪستاني اداڪارا هانيہ عامر سان مشابهت رکندڙ انفلوئنسر بشرا ميمڻ جي هڪ نئين وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ مداحن ۾ مختلف سوال ۽ دلچسپ بحث شروع ٿي ويو آهي.

رپورٽن موجب هانيه عامر جي ميڪ اپ آرٽسٽ بابر ظهير بشرا ميمڻ جو ميڪ اپ، هيئر ۽ اسٽائلنگ هانيه عامر جي مشهور لُڪ سان مشابهت رکندڙ انداز ۾ ڪئي.

ميڪ اپ ۽ اسٽائلنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ بشرا ميمڻ جي هانيه عامر سان مشابهت وڌيڪ نمايان نظر آئي، جنهن تي سوشل ميڊيا صارفين دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا.

واضح رهي ته بابر ظهير ان کان اڳ هڪ مارننگ شو ۾ به بشرا ميمڻ جو گليم اپ ڪري چڪو آهي.

نئين وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ڪجهه صارفين جو خيال آهي ته شايد انفلوئنسر کي شوبز انڊسٽري ۾ آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪيترائي صارف ان کي رڳو تفريحي ڪوليب قرار ڏئي رهيا آهن.

بهرحال، بابر ظهير يا بشرا ميمڻ طرفان ان حوالي سان ڪو واضح بيان سامهون ناهي آيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں