ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مير رضا ڪيس ۾ عدالتي ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪيس ۾ جنهن جي به ڪوتاهي ثابت ٿي، ان کي سزا ڏني ويندي. سندس چوڻ آهي ته ڪنهن هڪ شخص جي غلطيءَ جو ذميوار سڄي کاتي کي قرار ڏيڻ مناسب نه هوندو.
شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته مير رضا ڪيس بابت سنڌ ڪابينا جي فيصلي تحت ئي عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ڪميشن جي رپورٽ گذريل ڏينهن ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي.
هن ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير ٽن سينيئر وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ ضياءُ الحسن لنجار، سعيد غني ۽ ناصر شاهه شامل آهن. اها ڪميٽي عدالتي ڪميشن جي رپورٽ جو جائزو وٺي ڪابينا کي آگاهه ڪندي.
صوبائي وزير چيو ته عدالتي ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو ۽ جنهن جي به ڪوتاهي سامهون آئي، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن هڪ فرد جي غلطيءَ کي پوري اداري جي غلطي قرار ڏيڻ ناانصافي ٿيندي، سنڌ پوليس وڏا وڏا ڪيس حل ڪري ڏيکاريا آهن.
شرجيل ميمڻ ڪراچيءَ جي ٽرانسپورٽ منصوبن بابت ڳالهائيندي چيو ته اورنج لائن منصوبو تيار آهي، جڏهن ته ريڊ لائن منصوبي ۾ يونيورسٽي روڊ تي ڪم دوران پيش ايندڙ ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. هاڻي اسٽيشنن ۽ ڊيپو جي تعمير جو ڪم ٿيڻو آهي.
هن چيو ته يونيورسٽي روڊ تي هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ تڪليف ٿيندي، پر ڪجهه هنڌن تي غيرقانوني قبضي جا مسئلا موجود آهن. يلو لائن منصوبي تي به ڪم شروع ٿيڻو آهي، جنهن دوران ٽريفڪ جا مسئلا پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.
صوبائي وزير موجب جام صادق پل جو ٻيو حصو به جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن شهرين کي ڪم دوران پيش ايندڙ تڪليف تي اڳواٽ معذرت ڪندي چيو ته نومبر ۾ وڏي انگ ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ڪراچي پهچنديون، جڏهن ته مسلسل ڪوششن سان شهر جو ٽرانسپورٽ مسئلو حل ٿي رهيو آهي.