لاس اينجلس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) مشهور آمريڪي اداڪارا هيڊن پنيٽيئر جي اوچتي موت جو سبب سامهون اچي ويو آهي. گرين وِل ڪائونٽي ڪورونر آفيس جي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب اداڪارا جي موت ڪيترين ئي دوائن ۽ ڪيميائي مادن جي زهريلي اثرن سبب ٿي، جڏهن ته سندس موت کي حادثاتي قرار ڏنو ويو آهي.
36 ورهين جي هيڊن پنيٽيئر 16 آگسٽ تي آمريڪي رياست سائوٿ ڪيرولائنا ۾ پنهنجي رهائشگاهه اندر مئل حالت ۾ ملي هئي.
آمريڪي ميڊيا موجب ڪورونر آفيس جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اداڪارا جي جسم ۾ فينٽانائل، 4-ANPP، الپرازولام، ميٿوڪاربامول ۽ ڪواٽيپائن جا زهريلا اثر موجود هئا.
رپورٽ موجب پوسٽ مارٽم دوران سندس جسم تي اهڙي ڪنهن چُوٽ جا نشان نه مليا، جيڪي موت جو سبب بڻجي سگهن. ڪورونر آفيس موت کي حادثو قرار ڏنو آهي.
هيڊن پنيٽيئر ننڍي عمر کان ئي اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ آمريڪي ٽي وي سيريز ’Heroes‘ ۽ ’Nashville‘ ذريعي وڏي شهرت حاصل ڪئي.
اداڪارا جي اوچتي موت جي خبر سندس مداحن ۽ هالي ووڊ جي شوبز دنيا ۾ ڏک جي لهر پيدا ڪئي آهي.