آمريڪي صدر چيو آھي تہ ڳالھيون ڪامياب ٿين يا نہ ٿين ان سان ڪو بہ فرق نٿو پوي، آمريڪا جنگ کٽي چڪو آھي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو تہ ٿي سگهي ٿو ايران سان معاهدو ٿي وڃي يا نہ بہ ٿئي، ڳالھيون ڪامياب ٿين يا ناڪام، کين ان سان گهڻو فرق نٿو پوي۔
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي تُ آمريڪا ايران کي مڪمل شڪست ڏئي چڪو آهي ۽ آمريڪا اها جنگ کٽي چڪو آهي۔
ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي ھرمز ۾ ۾ بارودي سرنگھن جي موجودگي جو خدشو ظاهر ڪيو ۽ چيو تہ آمريڪا وٽ بارودي سرنگون صاف ڪرڻ واري مشينري موجود آهي جيڪا هرمز کي صاف ڪري رھي آهي۔
آمريڪي صدر خبردار ڪيو تہ جيڪڏھن چين ايران کي هٿيار فراهم ڪيو ته ان کي وڏين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو…۔