ڇا ڊڪوٽا جانسن پلاسٽڪ سرجري ڪرائي آهي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

فہرستِ مضامین

هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڊڪوٽا جانسن جي نئين لُڪ سوشل ميڊيا تي مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جتي سندس چهري ۾ نظر ايندڙ تبديليءَ کي وٺي پلاسٽڪ سرجري بابت مختلف بحث شروع ٿي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 36 ورهين جي اداڪارا تازو مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، جتي مداحن خاص طور سندس چهري ۽ اکين ۾ نظر ايندڙ تبديليءَ تي ڌيان ڏنو.

ڊڪوٽا جانسن هن وقت پنهنجي نئين فلم ’ويرٽي‘ (Verity) جي تشهير ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ هالي ووڊ اداڪارا اين هيٿوي به شامل آهي.

رپورٽن موجب، ڪجهه مداحن جو چوڻ آهي ته اداڪارا جون اکيون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏيون ۽ کليل نظر اچي رهيون آهن، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پلاسٽڪ سرجري بابت چئوپچئو شروع ٿي وئي.

جڏهن ته ڊڪوٽا جانسن جي نئين لُڪ بابت مداحن جو ردعمل هڪجهڙو ناهي؛ ڪجهه صارف سندس نئين انداز جي تعريف ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ان تي تنقيد پڻ ڪري رهيا آهن.

ٻئي طرف، ڊڪوٽا جانسن يا سندس ٽيم طرفان پلاسٽڪ سرجري بابت ٿيندڙ انهن تبصرن تي اڃا تائين ڪو باضابطه ردعمل سامهون ناهي آيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں