چين ايران کي نئون دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رھيو آهي: آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ

فہرستِ مضامین

آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ موجب چين ايندڙ ڪجهہ هفتن اندر ايران کي نئون ھوائي  دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رھيو آهي۔

سي اين اين جي رپورٽ ۾ آمريڪي انٽيليجنس جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي تہ بيجنگ نئين فضائي دفاعي نظام جي کيپ ٽئين ملڪ ذريعي موڪلڻ تي ڪم ڪري رھيو آهي، رپورٽ موجب چين ڪلهي تي رکي هلائڻ وارا جهاز ڪِرائڻ وارا ميزائل سسٽم فراهم ڪرڻ جي تياري ۾ آهي۔

هن حوالي سان واشنگٽن ۾ چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته چين ڪڏهن به ڪنهن تڪرار جي ڌر کي هٿيار فراهم ناهن ڪيا ۽ آمريڪي ٽي وي تي هلندڙ ڄاڻ درست ناهي، هڪ ذميوار وڏي رياست طور چين هميشه پنهنجون بين الاقوامي ذميواريون نڀائيندو رهيو آهي۔

چيني سفارتخاني موجب، اسان آمريڪي ڌر تي زور ڏيون ٿا ته هو بي بنياد الزام لڳائڻ، بدنیتی تي ٻڌل رابطا ٺاهڻ ۽ سنسني پکيڙڻ کان پاسو ڪري۔ اسان اميد ٿا ڪريون ته لاڳاپيل ڌريون ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻنديون۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں