اسلام آباد: آمريڪا-ايران جنگبندي کانپوءِ پاڪستان دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آھي، پاڪستان جي ميزباني ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالھيون اڄ ۽ سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿي رھيون آھن، انھي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون، وفاقي راڄڌاني واري شھر ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آھن.
ذريعن موجب وفدن جي سطح تي ڳالهيون اڄ ٿينديون، جڏھن تہ اهم مرڪزي مرحلو ڇنڇر تي ٿيندو، آمريڪي وفد ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، آمريڪي نمائندو اسٽييو وٽڪوف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر پاڪستان ايندا۔
ايران جي نمائندگي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر باقر قاليباف ڪندا.
وائٽ ھائوس جِي ترجمان جو چوڻ آھي تہ بند ڪمرن ۾ حساس ڳالھيون ٿينديون، معاھدو اھو ٿيندو، جيڪو آمريڪا جي مفاد ۾ ھوندو.
واضح رھي تہ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پاڪستان جي ڪوششن سان 40 ڏينھن جي جنگبندي کانپوءِ اسلام آباد ۾ ڳالھيون سموري دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آھن.