پاڪستان جي سفارتڪي ڪوششن رنگ لاتو آھي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم شھباز شريف پاران ڪيل ٻن ھفتن جي جنگبندي واري درخواست قبول ڪري ورتي آھي.
آمريڪي صدر چيو آھي تہ ھو ايران تي بمباري ۽ حملا 2 ھفتن لاءِ معطل ڪرڻ تي راضي آھي، بمباري ۽ حملا معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.
آمريڪي صدر چيو تہ وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٿيل ڳالھ ٻولھ بعد درخواست ڪئي تہ اڄ رات ايران تي حملا روڪيا وڃن.
ٽرمپ پنھنجي پيغام ۾ ايران لاءِ دي ڪنٽري آف ايران جي متبادل طور تي اسلامي جمھوريہ ايران جو استعمال ڪيو.
ان جو چوڻ ھو تہ اسلامي جمھوريہ ايران آبنائي ھرمز کي مڪمل ۽ فوري طور محفوظ طريقي سان کولڻ تي متفق ٿي ويندو، ٽرمپ چيو تہ ھو ايران تي بمباري ۽ حملا 2 ھفتا معطل ڪرڻ تي متفق آھي، 2 ٻطرفي جنگ ھوندي.
هنن چيو تہ هن فيصلي جو سبب اهو آهي تہ اسان پنهنجا سڀئي فوجي هدف حاصل ڪري چڪا آهيون ۽ انهن کان بہ اڳتي وڌي چڪا آهيون ۽ ايران سان ڊگهي مدي واري امن بابت هڪ واضح معاهدي ڏانهن وڏي اڳڀرائي ڪري چڪو آھي، جيڪو وچ اوڀر ۾ امن جو سبب بڻجندو۔
صدر ٽرمپ چيو تہ کيس ايران طرفان 10 نقطن تي ٻڌل هڪ تجويز ملي آهي ۽ هو ان کي ڳالهين جي بنياد طور قابلِ عمل سمجهي ٿو۔
هنن وڌيڪ چيو تہ ماضي جي لڳ ڀڳ سڀني تڪراري معاملن تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اتفاقِ راءِ ٿي چڪو آهي، پر ٻن هفتن جو وقت هن معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ مڪمل ڪرڻ لاءِ گهربل آهي۔…..