لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) لنڊن جي ليسٽر اسڪوائر ۾ هالي ووڊ اسٽار ٽام ڪروز جي نئين فلم ”ڊيگر“ جو شاندار پريميئر منعقد ٿيو، جنهن ۾ برطانوي شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ جي شرڪت تقريب جي رونق وڌائي ڇڏي.
پريميئر دوران ٽام ڪروز شهزادي ڪيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ بليڪ ڪارپيٽ تي ساڻس ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.
تقريب ۾ اڳوڻو انگلش فٽبالر ڊيوڊ بيڪهم پڻ پنهنجن پٽن سان گڏ شرڪت ڪئي.
فلم ”ڊيگر“ 2 آڪٽوبر تي آمريڪا ۽ برطانيا جي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.