لائیو يتيم ٻار وسيم عباس کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي ماريندڙ جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

فہرستِ مضامین

بهاولپور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار وسيم عباس کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي مارڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ڪيس جو مک جوابدار توقير نذير سي سي ڊي بهاولپور سان مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو.

رپورٽن موجب، جوابدار توقير نذير گذريل ڏينهن ملتان ۾ پنهنجي گاڏي هيٺان چيڀاٽي 15 ورهين جي يتيم ٻار وسيم عباس کي قتل ڪيو هو. واقعي کانپوءِ جوابدار گذريل رات سي سي ڊي ملتان جي حراست مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.

پوليس موجب، اڄ صبح سي سي ڊي بهاولپور جي ٽيم بهاولپور جي ايسٽرن باءِ پاس تي موٽرسائيڪل سوار ٻن شڪي ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي جوابدارن مبينا طور پوليس ٽيم تي سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني.

فائرنگ جي ڏي وٺ دوران موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ بعد ۾ توقير نذير طور ڪئي وئي، جڏهن ته سندس ساٿي فائرنگ ڪندو واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو.

سي سي ڊي اختيارين موجب، فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون سندس ڳولا ۽ تعاقب ڪري رهيون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں