ناديا خان کي ڪهڙي فلم ۾ ڪم نه ڪرڻ جو افسوس آهي؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ناديا خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس اڄ به شعيب منصور جي مشهور فلم ’بول‘ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ رد ڪرڻ تي افسوس آهي.

هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناديا خان ٻڌايو ته هوءَ پاڻ فلم جو حصو بڻجڻ چاهي ٿي، پر اڳوڻي مڙس جي مخالفت سبب فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

اداڪارا موجب شعيب منصور ذاتي طور تي کيس فلم جي آڇ ڪئي ۽ راضي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر خانداني معاملن سبب هوءَ اها آڇ قبول نه ڪري سگهي.

ناديا خان چيو ته هوءَ فلم ’بول‘ ۾ زينب جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اڄ به شعيب منصور کي انڪار ڪرڻ تي افسوس ڪندي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ماضي ڏانهن واپس ڏسي ته محسوس ٿئي ٿو ته کيس اها آڇ قبول ڪرڻ گهرجي ها.

واضح رهي ته 2011ع ۾ رليز ٿيل فلم ’بول‘ ۾ زينب جو ڪردار بعد ۾ اداڪارا حمائمه ملڪ ادا ڪيو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں