نئون ڪوٽ (رپورٽ: مشاهد نهڙيو) نئون ڪوٽ ۾ بااثر زميندار پاران قديمي ڳوٺ خالي ڪرائڻ جي مبينا ڪوششن خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ڳوٺ رستم خان چانڊيو جي رھواسين نظر محمد چانڊيو، الهڏنو، علي محمد ۽ ٻين ٻاويھ ميل موري تي احتجاج ڪندي چيو ته سندن ڳوٺ پنجاھ کان وڌيڪ گهرن تي ٻڌل آهي ۽ هو گذريل سئو سالن کان هتي رھائش پذير آهن.
ڳوٺاڻن الزام لڳايو ته بااثر زميندار ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رھيو آهي.
هنن چيو ته بااثر زميندار پنج هزار ايڪڙ زمين جو مالڪ هجڻ باوجود ٻن ايڪڙن تي قائم سندن ڳوٺ خالي ڪرائي کين بي گهر ڪرڻ چاهي ٿو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڳوٺ تي بلڊوزر هلائڻ سان گڏ ڄڻ مٿن به بلڊوزر هلايو وڃي، پر هو ڳوٺ خالي نه ڪندا.
احتجاج ڪندڙن چيو ته هو پيپلزپارٽي جا ووٽر آهن، پيپلزپارٽي جو منشور ”روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان“ آهي، پر ان جي حڪومت ۾ ئي کانئن مڪان کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي.