ماضي ۾ خاندان ۾ ڪنهن عورت جي طلاق ٿيندي هئي ته ماڻهو ٽن مهينن تائين سوڳ ڪندا هئا: صبا فيصل

فہرستِ مضامین

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا صبا فيصل طلاق بابت پنهنجي تازي بيان سبب هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي آهي.

هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي صبا فيصل چيو ته ماضي ۾ خاندان ۾ ڪنهن عورت جي طلاق ٿيندي هئي ته ماڻهو ٽن مهينن تائين سوڳ ڪندا هئا.

هن چيو ته جن عورتن کي طلاق ٿيندي هئي، انهن جا والد به ماڻهن کي منهن ڏيڻ کان لنوائيندا ۽ شرمندگي سبب مٿو کڻي نه سگهندا هئا، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي ۽ طلاق کي معمول طور ورتو پيو وڃي.

صبا فيصل جو چوڻ هو ته اڄڪلهه طلاق جا واقعا وڌي رهيا آهن ۽ ڪجهه عورتون پنهنجن دوستن کي ٻڌائينديون آهن ته طلاق کي ڪيترائي مهينا گذري چڪا آهن ۽ ذهني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهه مان واپس آيون آهن.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته اهڙا واقعا وڌڻ سان خانداني ۽ سماجي حالتون خراب ٿي رهيون آهن.

صبا فيصل جي ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان مختلف ردعمل سامهون آيا، ڪجهه صارفن سندس موقف تي تنقيد ڪئي، جڏهن ته ٻين سندس ڳالهين تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں