لائیو فرانس ۾ پرتشدد احتجاج تيز، ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو، 2400 کان وڌيڪ مظاهرين گرفتار

فہرستِ مضامین

پيرس (انٽرنيشنل ڊيسڪ): فرانس ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ تعليمي سهولتن جي کوٽ خلاف جاري احتجاج پرتشدد رخ اختيار ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري آمدرفت تي پابنديون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته احتجاج دوران 2 هزار 400 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، فرانس ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري احتجاج دوران مظاهرين طرفان ڀڃ ڊاهه، باهيون ڏيڻ ۽ هنگامن جا واقعا پيش آيا آهن، جن سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب، احتجاج دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب هڪ هزار پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن.

حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اختيارين پيرس، ليون، نيس ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ ماڻهن جي اچ وڃ تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي ڪرفيو پڻ نافذ ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، احتجاج جو بنيادي سبب وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ تعليمي سهولتن جي کوٽ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته احتجاج ڪندڙن جي مطالبن ۽ حڪومت جي قدمن سبب ملڪ ۾ صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي.

واضح رهي ته احتجاج دوران گرفتارين، پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ ۽ مختلف شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو ٿيڻ کانپوءِ فرانس ۾ امن امان جي صورتحال اهم بڻجي وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں