غزھ جي تباهي تي انجلينا جولي جو ردعمل، سيٽلائيٽ تصويرن ذريعي حقيقت سامھون آڻي ڇڏي

فہرستِ مضامین

غزھ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا انجلينا جولي غزه ۾ جنگ دوران ٿيل تباهي جون سيٽلائيٽ تصويرون شيئر ڪري فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته تصويرون تباهي ته ڏيکاري سگهن ٿيون، پر متاثر خاندانن ۽ بچي ويل ماڻهن جي تڪليف بيان نٿيون ڪري سگهن.

انجلينا جولي انسٽاگرام تي گوگل ارٿ جون جنگ کان اڳ ۽ پوءِ جون تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ رفح، خان يونس ۽ غزه سٽي جي مختلف علائقن ۾ وڏي پيماني تي ٿيل تباهي واضح نظر اچي ٿي.

اداڪارا موجب گوگل ارٿ ذريعي هاڻي ڏسي سگهجي ٿو ته غزه سان ڇا ٿيو، جتي ڪيترائي پورا پورا پاڙا ملبي جو ڍير بڻجي ويا آهن، جڏهن ته گهرن، اسڪولن، يونيورسٽين، اسپتالن ۽ بنيادي ڍانچي کي به نقصان پهتو آهي.

انجلينا جولي گڏيل قومن جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته جون تائين غزه جون 82 سيڪڙو عمارتون نقصان جو شڪار ٿي چڪيون هيون.

هن وڌيڪ چيو ته سيٽلائيٽ تصويرون غزه ۾ تباهي جي شدت ته ظاهر ڪري سگهن ٿيون، پر متاثر خاندانن ۽ جنگ کان بچي ويل ماڻهن جي تڪليف ۽ درد کي بيان نٿيون ڪري سگهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں