قمبر شهدادڪوٽ (رپورٽ: احسان جوڻيجو) شهدادڪوٽ شهر جي مستوئي پاڙي جي رهواسڻ 12 ورهين جي نينگري بينظير کوسو پراسرار نموني گم ٿي وئي، جنهن جي ڳولا ۾ مدد لاءِ وارثن شهدادڪوٽ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
وارثن موجب بينظير ڪالهه منجهند پنهنجي پڦي جي گهر ماني کڻي وئي، جنهن بعد واپس گهر نه پهتي. وارثن پاران مسلسل ڳولا باوجود هن وقت تائين نينگري جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي ۽ نه ئي بينظير ڪڏهن ڪنهن بابت ڪا شڪايت ڪئي هئي.
واقعي بابت بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي.
وارثن مطالبو ڪيو آهي ته بينظير کوسو کي فوري طور بازياب ڪرائي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
سينيئر سياستدان ڊاڪٽر روشن علي پيچوھو ڊگھو عرصو بيمار رھڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو

قمبر شهدادڪوٽ (رپورٽ: احسان جوڻيجو) سنڌ جو سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر روشن علي پيچوهو ڊگهي عرصي کان بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مرحوم جي مڙهه کي ڪراچي مان سندس اباڻي ڳوٺ پيچوها آندو پيو وڃي، جڏهن ته سندس تڏو پڻ لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ پيچوها ۾ رکيو ويو آهي.
ڊاڪٽر روشن علي پيچوهو سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سردار ممتاز علي ڀٽو ۽ سندس فرزند امير بخش ڀٽو جو ويجهو ۽ وفادار ساٿي رهيو.
هو 1997ع ۾ سردار ممتاز علي ڀٽو جي نگران صوبائي ڪابينا ۾ صحت واري وزير طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو، جڏهن ته سنڌ نيشنل فرنٽ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر ۽ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.
سردار ممتاز علي ڀٽو پاران 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ قائم ڪرڻ وقت ڊاڪٽر روشن علي پيچوهو پڻ ان جو حصو بڻيو ۽ آخري دم تائين سياسي توڙي ذاتي طور ميرپور ڀٽو سان سلهاڙيل رهيو.