ملڪ ۾ توانائيءَ جي بچت واري پاليسيءَ تحت پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بازارون، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مال رات جو 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شھباز شريف جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿيو، جنھن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس جي پڌرائي موجب عام استعمال جي شين جا دڪان، ڊيپارٽمينٽل اسٽور ۽ هر قسم جا مال رات 8 وڳي بند ڪيا ويندام خيبر پختونخوا جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ مارڪيٽن کي رات 9 وڳي تائين کليل رهڻ جي اجازت هوندي.
ان کان علاوہ بيڪريون، ريسٽورنٽ، تندور ۽ کائڻ پيئڻ جا ٻيا دڪان رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ميرج هال، مارڪيز ۽ اهي سڀئي ڪمرشل جڳهيون جتي شاديون ٿين ٿيون، اهي رات 10 وڳي کانپوءِ بند رھنديونم نجي ملڪيتن ۽ گهرن ۾ بہ رات 10 وڳي کانپوءِ شادي جي تقريبن تي پابندي هوندي.
پڌرائي موجب ميڊيڪل اسٽور ۽ فارميسيز تي اهي پابنديون لاڳو نہ ٿينديون، اهي پنهنجي معمول موجب کليل رھندا، اهي فيصلا صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيا ويا آهن، جيڪي 7 اپريل تي سموري ملڪ ۾ لاڳو ٿيندا.
ٻئي طرف سنڌ صوبي ۾ مارڪيٽن ۽ ٻين ڪاروباري وقتن جي حوالي سان اڃا مشاورتي عمل جاري آهي.