رتوديرو ڀرسان فائرنگ، 5 ڄڻا قتل؛ پراڻي تڪرار جو نتيجو يا ڪو ٻيو سبب؟ جاچ شروع

فہرستِ مضامین

رتوديرو (رپورٽ: ھمت علي): رتوديرو ڀرسان جيڪب آباد روڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

واقعي جي اطلاع ملڻ تي رتوديرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيا، جتي سندن سڃاڻپ رياض حسين گھانگھرو، رجب گھانگھرو، قربان گھانگھرو، بلاول گھانگھرو ۽ عبدالله بروھي طور ٿي.

رپورٽن موجب مارجي ويلن مان گھانگھرا برادري جا 4 ڄڻا رتوديرو ڀرسان ڳوٺ وڌاپور جا رھواسي ۽ پاڻ ۾ ويجها عزيز هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتولن جو جيڪب آباد روڊ تي دڪان پڻ هو، جتي هٿياربندن فائرنگ ڪري کين نشانو بڻايو.

فائرنگ جي نتيجي ۾ عبدالله بروھي نالي هڪ راهگير پڻ گولين جو نشانو بڻجي مارجي ويو.

پوليس موجب گھانگھرا برادري جو مختلف برادرين سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، تنهنڪري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ته فائرنگ ۾ ڪير ملوث آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ بعد کين جلد گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں