حيدرآباد ۾ 11 هزار وولٽ جي تار ڪرڻ سبب نوجوان فوت، وارثن جو احتجاج

فہرستِ مضامین

حيدرآباد (رپورٽ: ظھير سوھو) حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عدل نوناري ۾ 11 هزار وولٽ جي بجلي جي تار ڪرڻ سبب عبدالصمد مبينا طور فوت ٿي ويو. واقعي خلاف فوتي جي وارثن حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي.

احتجاج ڪندڙ وارثن جو چوڻ هو ته واپڊا جون 11 هزار وولٽ جون پراڻيون ۽ سڙيل تارون سندن گهرن مٿان گذرن ٿيون، جيڪي بار بار ڪرڻ سبب جاني نقصان جو سبب بڻجن ٿيون.

وارثن دعويٰ ڪئي ته ان کان اڳ به سندن هڪ ٻار بجلي جي تار ڪرڻ سبب فوت ٿي چڪو آهي. وارثن موجب عبدالصمد جي ٽيجهي جي موقعي تي ٻيهر بجلي جي تار ڪري پئي، جنهن تي هنن پراڻين ۽ سڙيل تارون خانگي ماڻهن کان لڳرائڻ تي اعتراض ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته واپڊا عملو پاڻ اچي نيون تارون لڳائي.

وارثن جو چوڻ هو ته روز روز بجلي جون تارون ڪرڻ سبب سندن ٻچا فوت ٿي رهيا آهن، تنهنڪري واپڊا عملي کي گهرجي ته پاڻ اچي نيون تارون لڳائي مسئلو حل ڪري.

احتجاج ڪندڙن وڌيڪ الزام هنيو ته اعتراض ڪرڻ کانپوءِ رجب، رشيد ۽ عامر مبينا طور سندن گهر تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سندن نياڻين ۽ مردن کي زخمي ڪيو ويو.

وارثن موجب بااثر ماڻهن جي مبينا دٻاءَ سبب هو پنهنجا گهر ڇڏي مائٽن وٽ رهڻ تي مجبور آهن.

متاثر خاندان ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ پراڻين بجلي جي تارين جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪرايو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں