جيڪڏھن مستقبل جي همسفر جو دل ٽٽل بہ هجي تہ بہ مون کي قبول هوندو: نازش جهانگير

فہرستِ مضامین

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) زندگيءَ جي ساٿي جي چونڊ ۾ هر ڪنهن جون پنهنجون اميدون ۽ ترجيحات هونديون آهن، پر پاڪستاني اداڪارا نازش جهانگير پنهنجي مستقبل جي همسفر بابت اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، جن ۾ محبت ۽ ساٿ کي خاص اهميت ڏني وئي آهي.

هڪ تازي انٽرويو دوران نازش جهانگير کان پڇيو ويو ته هوءَ ڪهڙي قسم جي ڇوڪري لاءِ ڇوڪرو ڳولي رهي آهي؟

اداڪارا جواب ڏنو ته کيس رڳو پنهنجي جهڙو ڇوڪرو گهرجي، جنهن سان هوءَ کلندي، کيڏندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا جهيڙا ڪندي زندگي گذاري سگهي.

ميزبان جڏهن سوال ڪيو ته جيڪڏهن ان ڇوڪري جو مستقبل جو همسفر اڳ ئي ٽٽل دل وارو هجي ته ڇا هوءَ کيس قبول ڪندي؟

نازش جهانگير جواب ڏنو ته هوءَ اهڙي شخص کي ضرور قبول ڪندي، بلڪه کيس خوشي ٿيندي ته هوءَ اها ڇوڪري بڻجي، جنهن سندس ٽٽل دل کي ٻيهر جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

اداڪارا چيو ته کيس اهو احساس سٺو لڳندو ته سندس همسفر چوي ته ”ها، اها ئي اها ڇوڪري آهي، جنهن منهنجي ٽٽل دل کي جوڙڻ جو سبب بڻيو.“

ان ئي انٽرويو دوران نازش جهانگير پنهنجي خاندان بابت ڳالهائيندي چيو ته ضروري ناهي ته سڀئي سوتيون مائرون خراب هجن، سندس پنهنجي سوتي ماءُ تمام سٺي آهي.

هن ٻڌايو ته سندس والده جي لاڏاڻي کان پوءِ والد ٻي شادي ڪئي، جڏهن ته سندس سوتي ماءُ سڄي خاندان جو تمام سٺي نموني خيال رکي ٿي ۽ سندس والد جي به سار سنڀال ڪري ٿي.

نازش جهانگير چيو ته اهڙي تجربي جي بنياد تي هوءَ اهو نٿي چئي سگهي ته سوتيون مائرون خراب هونديون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں