ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اداڪارا صبا فيصل جي طلاق بابت تازو بيان سوشل ميڊيا تي نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ اداڪارائن حرا خان ۽ زويا ناصر پڻ پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
حرا خان انسٽاگرام اسٽوري ذريعي صبا فيصل جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ”جنازا کڻڻ کان بهتر آهي والدين پنهنجا ڪنڌ جهڪائي ڇڏين.“ هن وڌيڪ چيو ته هوءَ اڳ به اهو چئي چڪي آهي ۽ ٻيهر چوي ٿي ته صبا فيصل کي مدد جي ضرورت آهي.
ٻئي طرف اداڪارا زويا ناصر به سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏيندي چيو ته سندس چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ هي هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ پيچيده بيانيو آهي.
حرا خان ۽ زويا ناصر جا اهي ردعمل ان وڊيو کانپوءِ سامهون آيا، جنهن ۾ صبا فيصل طلاق بابت بدلجندڙ سماجي روين تي ڳالهائيندي نظر آئي.
صبا فيصل ماضي جو ذڪر ڪندي چيو هو ته اڳ طلاق کي سڄي خاندان لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو سمجهيو ويندو هو. خاندان ڊگهي عرصي تائين اهو سوچيندو رهندو هو ته آخر ڪهڙي غلطي ٿي، جڏهن ته ڌيءَ جي شادي ختم ٿيڻ تي پيءُ به شرمندگي محسوس ڪندو هو ۽ ماڻهن کي منهن ڏيڻ کان ڪيٻائيندو هو.
اداڪارا موجوده صورتحال جو ماضي سان مقابلو ڪندي چيو هو ته هاڻي ڪجهه معاملن ۾ طلاق کي وڌيڪ معمولي انداز ۾ ورتو وڃي ٿو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي شادي، طلاق، خانداني اميدن ۽ بدلجندڙ سماجي روين بابت بحث شروع ٿي ويو آهي.