ايشين گيمز لاءِ 3 پاڪستاني ڀينرون اسڪواش ٽيم ۾ شامل؛ گڏجي ملڪ جي نمائندگي ڪنديون

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ): اسڪواش جي ميدان ۾ ٽن پاڪستاني ڀينرن منفرد اعزاز حاصل ڪري ورتو، مهروش علي، سحرش علي ۽ ماه نور علي ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ چونڊجي ويون آهن.

ٽنهي ڀينرن لاءِ اهو پهريون موقعو هوندو، جڏهن هو گڏجي ايشين گيمز جهڙي وڏي ۽ اهم عالمي راندين جي ايونٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪنديون.

مهروش علي جو چوڻ آهي ته ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ سندس لاءِ فخر ۽ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. مقابلو سخت هوندو، پر هوءَ ڀرپور محنت سان بهترين راند پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.

سحرش علي چيو ته پهريون ڀيرو ٽيئي ڀينرون گڏجي ايشين گيمز ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن، اسان هڪ ٻئي کي سپورٽ ڪرڻ سان گڏ گڏجي پريڪٽس پڻ ڪنديون آهيون، جنهن جو اسان کي فائدو ٿيندو آهي.

هن چيو ته ايشين گيمز هڪ وڏو ۽ سينيئر ايونٽ آهي، جتي دنيا جا بهترين رانديگر مقابلو ڪندا، ان ڪري ايونٽ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ٽريننگ ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف ماه نور علي جو چوڻ آهي ته ايشين گيمز ۾ شرڪت سان کين وڏي ايونٽ جو اهم تجربو حاصل ٿيندو، جيڪو مستقبل ۾ سندن راند لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.

ٽنهي ڀينرن عزم ظاهر ڪيو آهي ته هو ايشين گيمز ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪنديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں