ايراني فوج آمريڪي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي تہ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو اهو بيان غلط آهي تہ آمريڪي جهاز آبنائي ھرمز مان گذريا آھن.
پاسداران انقلاب موجب اهڙي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آھي ۽ ايران انهن کي سختي سان رد ڪري ٿو۔
هن وڌيڪ چيو ته آبنائي ھرمز مان ڪنهن بہ سامونڊي جهاز جي آمد و رفت جو اختيار صرف ايران جي هٿياربند فوج وٽ آهي۔
ياد رھي تہ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ اڳ ۾ دعويٰ ڪيو هو ته آمريڪي فوج ھرمز ۾ بارودي سرنگھن جي صفائي جو مشن شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي نيوي جا ٻہ ميزائل بردار جنگي جهاز بہ شامل ٿيا آهن۔
سينٽڪام موجب ٻنهي بحري جھازن ھرمز مان گذري خليج عرب ۾ آپريشن ڪيا، ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ آمريڪي فوج ۽ پاڻي هيٺ ڊرونز بہ هن آپريشن ۾ شامل ڪيا ويندا، جڏھن تہ محفوظ سامونڊي رستن کي جلد سامونڊي صنعت سان شيئر ڪيو ويندو۔