ايجبسٽن گرائونڊ تي پاڪستان ڪڏهن به ٽيسٽ نه کٽيو، ڇا قومي ٽيم تاريخ بدلائي سگهندي؟

فہرستِ مضامین

برمنگهم(اسپورٽس ڊيسڪ): پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز جو آخري مقابلو 9 سيپٽمبر کان برمنگهم جي ايجبسٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شروع ٿي رهيو آهي، جتي انگلينڊ کي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. پاڪستان لاءِ هي ميچ سيريز بچائڻ بدران وائيٽ واش کان بچڻ ۽ تاريخي ميدان تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو وڏو موقعو بڻجي ويو آهي.

ايجبسٽن پاڪستان لاءِ هميشه ڏکيو ميدان رهيو آهي. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ هن گرائونڊ تي اڳ به ٽيسٽ ميچون کيڏيون ويون آهن، پر قومي ٽيم اڃا تائين هتي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ فتح حاصل نه ڪري سگهي آهي.

پاڪستان جو موجوده اسڪواڊ به هن ميدان تي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ کيڏڻ جي تجربي کان محروم آهي، تنهنڪري رانديگرن لاءِ ايجبسٽن جو ماحول ۽ حالتون هڪ نئون امتحان هونديون.

انگلينڊ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ هيڊنگلي تي پاڪستان کي اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏني، جڏهن ته لارڊز ۾ ٻئي ٽيسٽ ۾ 194 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري سيريز 0-2 سان پنهنجي نالي ڪري ڇڏي.

هاڻي انگلينڊ جي نظر سيريز ۾ 0-3 تان ڪلين سوئيپ تي آهي، جڏهن ته پاڪستان آخري ٽيسٽ کٽي دوري جو اختتام ڪاميابي سان ڪرڻ چاهي ٿو.

ٻن وڏين شڪستن کانپوءِ پاڪستان ٽيم ۾ وڏيون تبديليون پڻ ڪيون ويون آهن. ست رانديگرن کي اسڪواڊ مان ڪڍي نوان رانديگر شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آخري ٽيسٽ کان اڳ ٽيم جي ڪوچنگ سيٽ اپ ۾ پڻ تبديلي آندي وئي آهي.

پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج انگلينڊ جي تيز بالنگ ۽ پنهنجي بيٽنگ کي ڊگهي وقت تائين مضبوط رکڻ هوندو.

ايجبسٽن ۾ انگلينڊ جي مضبوط رڪارڊ، موجوده سيريز ۾ 0-2 جي خساري ۽ ٽيم اندر ٿيندڙ تبديلين باوجود پاڪستان وٽ آخري ٽيسٽ ۾ واپسي جو موقعو موجود آهي.

سوال هاڻي اهو آهي ته ڇا پاڪستان ايجبسٽن جي تاريخ بدلائي پهريون ڀيرو انگلينڊ کي هن ميدان تي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي سگهندو، يا ميزبان ٽيم سيريز ۾ ڪلين سوئيپ مڪمل ڪندي؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں