آمريڪا جي حد کان وڌيڪ مطالبن گڏيل فريم ورڪ ۽ معاھدي ۾ رنڊڪ پيدا ڪئي: ايراني سرڪاري ميڊيا

فہرستِ مضامین

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب آمريڪا جي حد کان وڌيڪ مطالبن گڏيل فريم ورڪ ۽ معاهدي جي راهه ۾ رنڊڪ پيدا ڪئي۔

ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب آبنائي ھرمز۽ جوھري حقن سميت ڪيترائي معاملا ڳالھين ۾ اختلافن جو سبب بڻيا، ڳالھيون بغير ڪنھن معاھدي جي ختم ٿي ويون.

ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزارت چيو هو ته ڳالهين ۾ آبنائي ھرمز، جوھري معاملو، جنگي نقصانن جو ازالو ۽ پابندين جي خاتمي وارا معاملا بحث ھيٺ آيا.

هنن وڌيڪ چيو تہ ايران خلاف جنگ جو مڪمل خاتمو ۽ علائقي جي صورتحال تي بہ ڳالهہ ٻولهہ ٿي ۽ اهو ضروري آهي تہ اڳلي ڌر حد کان وڌيڪ ۽ غيرقانوني مطالبن کان پاسو ڪري ۽ ايران جي حقن کي تسليم ڪري۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں