پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ميرا پنهنجي ننڍي ڀيڻ جي صحت بابت ڏکوئيندڙ خبر مداحن سان شيئر ڪندي سندس صحتيابي لاءِ دعائن جي اپيل ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ميرا جي ڀيڻ شائسته عباس هن وقت برطانيا ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان زندگي جي جنگ وڙهي رهي آهي، جڏهن ته ميرا اڃا تائين پنهنجي ڀيڻ وٽ پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي.
اداڪارا تازو ئي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي پنهنجي ڀيڻ جي صحت بابت هڪ ڏکوئيندڙ پيغام شيئر ڪيو آهي.
ميرا پنهنجي پيغام ۾ ننڍي ڀيڻ لاءِ دعائن جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هوءَ پنهنجي زندگي جي انتهائي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ سان گڏ ڀيڻ جي تصوير پڻ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڪينسر جي علاج سبب سندس وار ڇڻي وڃڻ جا اثر نظر اچي رهيا آهن.
واضح رهي ته ميرا جي ننڍي ڀيڻ شائسته عباس به ڪجهه عرصي لاءِ شوبز انڊسٽري سان سلهاڙيل رهي آهي. هن ڪجهه ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا جو رخ ڪيو هو.