خيبر پختونخوا ۾ وقت سر گورنر راڄ نه لڳايون ها ته وڌيڪ نقصان پهچي ها: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ وقت سر گورنر راڄ لاڳو نه ڪيو وڃي ها ته صوبي کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي پيو، عوام، ملڪ، معيشت ۽ معاشري کي بچائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ضروري هو.

مسلم ليگ (ن) خيبر پختونخوا جي پارلياماني پارٽي ۽ عهديدارن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خيبر پختونخوا پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي، جتي جي عوام بهادر، باوقار ۽ غيرتمند آهي. هن چيو ته صوبي ۾ جمهوريت جي واڌ ويجهه لاءِ مسلم ليگ (ن) اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته 2013ع جي چونڊن کانپوءِ نواز شريف صوبي ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو، جنهن سان جمهوريت کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو.

وزيراعظم سوال اٿاريو ته خيبر پختونخوا ۾ گذريل 13 سالن دوران اقتدار ۾ رهندڙ جماعت ڪيتريون يونيورسٽيون ۽ اسپتالون قائم ڪيون؟ سندس چوڻ هو ته عوامي خدمت بدران سياسي نعرن ۽ ورهاست تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته پشاور کان ڪوھستان، هزارا ۽ ڏاکڻين ضلعن تائين عوام جا مسئلا نظرانداز ٿيندا رهيا.

دهشتگردي خلاف جنگ ۽ افغان شهرين جي واپسي بابت الزام

وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ خيبر پختونخوا جي عوام، پوليس، فوج ۽ سياسي اڳواڻن وڏيون قربانيون ڏنيون، جن کي وساري نٿو سگهجي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي جاني ۽ معاشي طور وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

شهباز شريف الزام لڳايو ته 2019ع ۽ 2020ع ۾ افغانستان مان دهشتگردن کي واپس آڻي ملڪ ۾ آباد ڪيو ويو، جنهن سبب دهشتگردي ٻيهر وڌي ۽ ملڪ کي وڏو نقصان پهتو.

هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ قوم ۽ ادارن گڏجي دهشتگردي جو خاتمو ڪيو هو، جڏهن ته پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) جو سانحو اڄ به قوم جي ذهنن ۾ تازو آهي.

وزيراعظم موجب، 2014ع جي ڌرڻي سبب چين جي صدر جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيو، جڏهن ته 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ جي دوري دوران اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ مان 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو به نواز شريف جي دور جي ڪوششن جو نتيجو هو.

خيبر پختونخوا کي 800 ارب رپيا مليا، سيڪيورٽي تي ڪيترو خرچ ٿيو؟

شهباز شريف چيو ته 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ خيبر پختونخوا لاءِ هڪ سيڪڙو اضافي وسيلا مختص ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو، جنهن تحت صوبي کي هيل تائين 800 ارب رپيا ملي چڪا آهن.

هن سوال ڪيو ته انهن 800 ارب رپين مان صوبي ۾ ڪيترا سيف سٽي منصوبا قائم ڪيا ويا ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري اداري کي ڪيترو مضبوط بڻايو ويو؟ وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته صوبي ۾ پوليس جون 5 هزار خالي جايون به ڀريون نه ويون.

سندس چوڻ هو ته صوبي وٽ موجود وسيلا پوليس کي جديد هٿيار ۽ تربيت فراهم ڪرڻ تي خرچ ٿيڻ گهرجن ها.

ٻارڻ تي سبسڊي ۽ عوامي رليف

وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجي ڪوششون ڪيون آهن. عالمي حالتن ۽ خليجي جنگ سبب توانائي جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافو ٿيو، پر ان باوجود حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ فيول سبسڊي اسڪيم شروع ڪئي.

هن ٻڌايو ته هن اسڪيم مان هيل تائين هڪ ڪروڙ 30 لک ماڻهو فائدو حاصل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته عوامي رليف لاءِ حڪومت 75 ارب رپيا مختص ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي.

48 ڪلاڪن جي ڳالهين باوجود گورنر راڄ جو فيصلو

خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ناگزير حالتن سبب اهو قدم کنيو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پيپلز پارٽي توڙي مسلم ليگ (ن) جي ڪميٽي 48 ڪلاڪن تائين ڳالهيون ڪيون.

وزيراعظم موجب، ڳالهين کانپوءِ تيار ڪيل مسودي جي منظوري جو انتظار ڪيو ويو، پر منظوري نه ملي سگهي. ان کانپوءِ عوام، ملڪ، معيشت ۽ معاشري کي بچائڻ لاءِ فيصلو ڪرڻ ضروري ٿي پيو.

شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن وقت سر فيصلو نه ڪيو وڃي ها ته خيبر پختونخوا کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي پيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) صوبي جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي خدمت لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں