لائیو نڪي مناج جي وائيٽ هائوس جي ترجمان بڻجڻ بابت ڊونلڊ ٽرمپ جو دلچسپ بيان

فہرستِ مضامین

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) مشهور آمريڪي ريپر نڪي مناج کي وائيٽ هائوس جي ترجمان مقرر ڪرڻ بابت افواهن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دلچسپ ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اها سٺي تجويز آهي، ان تي غور ڪرڻو پوندو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، نڪي مناج جي وائيٽ هائوس جي ترجمان بڻجڻ بابت اهي افواهون ان وقت شروع ٿيون، جڏهن هوءَ 25 آڪٽوبر تي مشي گن ۾ وچ مدي وارين چونڊن کان اڳ هڪ چونڊ جلسي ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ نظر آئي.

ان موقعي تي وائيٽ هائوس جي ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشن اسٽيون چيئنگ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته شايد وائيٽ هائوس کي نئين ترجمان ملي وئي آهي، ۽ اها نڪي مناج ٿي سگهي ٿي.

سندس پوسٽ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، جڏهن ته نڪي مناج به آمريڪي جهنڊي ۽ مرڪندڙ چهري وارا ايموجي شيئر ڪري ردعمل ڏنو. هن آمريڪي صدارتي جهاز جي اندروني حصي جي هڪ وڊيو پڻ پوسٽ ڪئي.

رپورٽ موجب، مشهور پوڊڪاسٽ ميزبان بيني جانسن صدر ٽرمپ کان سوال ڪيو ته ڇا نڪي مناج وائيٽ هائوس جي ايندڙ ترجمان بڻجي سگهي ٿي؟

جنهن تي ٽرمپ جواب ڏنو ته اها هڪ سٺي تجويز آهي، مون کي ان بابت سوچڻو پوندو.

صدر جي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي صارفين طرفان گڏيل ردعمل سامهون آيو آهي. ڪجهه ماڻهن نڪي مناج کي ان عهدي لاءِ غير موزون قرار ڏيندي چيو ته هوءَ هڪ سٺي فنڪاره ٿي سگهي ٿي، پر وائيٽ هائوس جي ترجمان جي ذميواري لاءِ مناسب ناهي.

رپورٽ موجب، نڪي مناج کي وائيٽ هائوس جي ترجمان مقرر ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪو باضابطه اعلان نه ٿيو آهي. هن وقت تائين اها ڳالهه وائيٽ هائوس جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جي سوشل ميڊيا پوسٽ ۽ صدر ٽرمپ جي بيان کانپوءِ سامهون آيل قياس آرائين تائين محدود آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں