ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ بجلي جا ٿنڀا هٽائڻ کانسواءِ روڊ تعمير ڪرڻ واري معاملي تي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته حيسڪو کي ٿنڀا منتقل ڪرڻ لاءِ رقم جمع ڪرائي وئي هئي، پر اداري مقرر وقت تي ٿنڀا نه هٽايا.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته حيدرآباد جي روڊ لاءِ چيف سيڪريٽري ڪينٽونمينٽ بورڊ کان زمين حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو، جڏهن ته حيسڪو کي به ٿنڀا هٽائڻ لاءِ رقم ادا ڪئي وئي، پر ان باوجود بجلي جا ٿنڀا پنهنجي جاءِ تي موجود رهيا.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت سوچيو ته پهريان روڊ تعمير ڪرايو وڃي، جنهن کانپوءِ حيسڪو تي ٿنڀا هٽائڻ لاءِ دٻاءُ وڌندو. هن دعويٰ ڪئي ته ائين ئي ٿيو ۽ معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ حيسڪو هڪ ئي ڏينهن ۾ 25 ٿنڀا هٽائي ڇڏيا.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته روڊ جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد جي شهرين کي وڏي سهولت ملندي، جڏهن ته اهو سمورو ڪم هڪ وڏي رٿابندي جو حصو هو.
واضح رهي ته حيدرآباد ۾ تعمير هيٺ روڊ جي وچ ۾ بجلي جا ٿنڀا موجود هجڻ ۽ انهن کي هٽائڻ کان اڳ روڊ ٺاهڻ واري معاملي تي سوال اٿاريا ويا هئا.
ان حوالي سان حيسڪو جي ترجمان جو چوڻ هو ته روڊ جي تعمير کان اڳ اداري طرفان نشان لڳايا ويندا آهن ۽ ٿنڀا هٽائڻ کانپوءِ روڊ ٺاهڻ جو ڪم ٿيڻ گهرجي، پر لاڳاپيل کاتن ٿنڀا هٽائڻ کان اڳ روڊ ڇو تعمير ڪيو، ان جو سبب سمجهه ۾ نٿو اچي.