جڪارتا: (انٽرنيشنل ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ سخت ڏڪار سبب لڳل ٻيلن جي باهه مان نڪرندڙ زهريلي دونهين سيپٽمبر مهيني دوران 3 هزار 560 ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، جڏهن ته فضائي گدلاڻ سبب مجموعي فوتگين جو انگ 5 هزار 310 تائين پهچي ويو.
عالمي ميڊيا موجب اهي انگ اکر توانائي ۽ صاف هوا بابت تحقيق ڪندڙ اداري سينٽر فار ريسرچ آن انرجِي اينڊ ڪلين ايئر جي تازي رپورٽ ۾ سامهون آيا آهن. رپورٽ موجب سيپٽمبر ۾ فضائي گدلاڻ سبب فوتگين ۾ آگسٽ جي ڀيٽ ۾ 42 سيڪڙو اضافو ٿيو، آگسٽ ۾ اهو انگ 3 هزار 740 هو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻيلن ۽ زميني باهه جي دونهين کان علاوه شهري ۽ صنعتي فضائي گدلاڻ سبب به هڪ هزار 750 ماڻهو فوت ٿيا.
باهه کان متاثر بورنيو ٻيٽ جي علائقي ڪليمانتن ۾ فضائي گدلاڻ سبب ٿيندڙ فوتگين جو 94 کان 99 سيڪڙو حصو ٻيلن جي باهه مان نڪرندڙ زهريلي دونهين سان لاڳاپيل هو، جڏهن ته سماٽرا ۾ اها شرح 80 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي. ان جي ابتڙ جاوا ٻيٽ جي ڏاکڻي حصي ۾ شهري ۽ صنعتي گدلاڻ فوتگين جو وڏو سبب بڻي.
رپورٽ موجب سيپٽمبر دوران انڊونيشيا ۾ 5 ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي غيرصحتمند کان انتهائي خطرناڪ فضائي گدلاڻ کي منهن ڏيڻو پيو. ڪليمانتن ۾ شديد گدلاڻ وارن ڏينهن دوران خطرناڪ آلودگي واري هوا ۾ ساهه کڻندڙ ماڻهن جو انگ 28 لک مان وڌي 64 لک ٿي ويو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ايل نينو موسمي اثرن ۽ سخت ڏڪار سبب انڊونيشيا ۾ ٻيلن کي باهه لڳي، جنهن سان نه رڳو جنگلات کي نقصان پهتو پر زهريلو دونهون ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين ملڪن تائين به پکڙجي ويو. ملائيشيا، سنگاپور، فلپائن ۽ اوڀر تيمور پڻ ان دونهين کان متاثر ٿيا.