لائیو پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا تي اسان جو ڪو ڪنٽرول ناهي: سلمان اڪرم راجا

فہرستِ مضامین

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو سوشل ميڊيا ملڪ کان ٻاهر آهي، ان سان اسان جو رابطو به ناهي ۽ نه ئي ان تي اسان جو ڪو ڪنٽرول آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته عليمه خان جو غريب ڊرائيور بنا ڪنهن ڏوهه جي جيل ۾ قيد آهي، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر انصاف لاءِ عدالت آيا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن عدالتون ۽ قانوني ادارا گڏجي به هڪ قيدي تائين پهچ نٿا ڏياري سگهن ته پوءِ انهن جو ڪهڙو فائدو؟

هن وڌيڪ چيو ته آئين ۾ بنيادي حق ڏنل آهن، پر اهي حق اڄ ڪٿي آهن؟ سندس چوڻ هو ته ڪاري قانون تحت بنا ڏوهه جي بيگناهه ماڻهن کي به ڏوهاري بڻايو پيو وڃي. اسان عدالتن ۾ ان لاءِ اچون ٿا ته قوم کي سندن حقن بابت آگاهه ڪندا رهون.

سلمان اڪرم راجا چيو ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ سموريون آزادين ختم ٿي چڪيون آهن. عمران خان سان ملاقات کانسواءِ 28هين آئيني ترميم بابت ڪو به فيصلو نٿا ڪري سگهون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں